ويلنگٽن- 02 آڪٽوبر(اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ آسٽريليا خلاف 19 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي - 20 سيريز لاءِ قومي وومينز اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ آف اسپنر ايڊن ڪارسن جي سندس آپريشن ۽ صحتيابي بعد اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آف اسپنر ايڊن ڪارسن کان علاوه وڪيٽ ڪيپر بيلا جيمز، ۽ فاسٽ بالرز مولي پينفولڊ ۽ هنارو کي به …
نيوزيلينڊ پاران آسٽريليا وومينز خلاف ٽي – 20 سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

مزید خبریں
ويلنگٽن- 02 آڪٽوبر(اي پي پي) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ آسٽريليا خلاف 19 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي – 20 سيريز لاءِ قومي وومينز اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ آف اسپنر ايڊن ڪارسن جي سندس آپريشن ۽ صحتيابي بعد اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آف اسپنر ايڊن ڪارسن کان علاوه وڪيٽ ڪيپر بيلا جيمز، ۽ فاسٽ بالرز مولي پينفولڊ ۽ هنارو کي به ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي. صوفي ڊيوائن، لياطاهوهو ۽ سوزي بيٽس جي ريٽائرمينٽ بعد ٽيم جي بيٽنگ ۽ بالنگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن رانديگرياڻين جي واپسي عمل ۾ آندي وئي آهي. بن ساوير جو هٿ کڻڻ بعد بيٽنگ ڪوچ ڊين برائونلي ان دوري ۾ عارضي ڪوچ جو فرض انجام ڏيندو. آسٽريليا خلاف 18 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ 3 ميچن تي ٻڌل ٽي – 20 سيريز لاءِ اعلانيل نيوزيلينڊ جي قومي وومينز اسڪواڊ ميلي ڪير (ڪپتان)، ايڊن ڪارسن، فلوراڊيوونشائر، ميڊي گرين، بروڪ هاليڊي، بري النگ، پولي انگس (وڪيٽ ڪيپر)، بيلا جيمز، جيسس ڪير، روزميري مائر، نينسي پٽيل، مولي پينفولڊ، جارجياپلمر، هنارو ۽ ايزي شارپ تي ٻڌل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 12 آڪٽوبر تي آسٽريليا روانو ٿيندي ۽ 15 آڪٽوبر تي گورنر جنرل اليون خلاف وارم اپ ميچ کيڏندي. آسٽريليا خلاف ٽئي ٽي – 20 ميچز نارٿ سڊني اوول ۾ کيڏيون وينديون.











