رياض- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سعودي عورت ديما اليحييٰ کي خشڪي جو شڪار اسرندڙ ملڪن جي فريڊم آف ٽرانزٽ بابت اعليٰ سطح جي پينل (HLP-FoT) جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ديما اليحييٰ ان پينل ۾ سعودي عرب ۽ خطي جي نمائندگي ڪندي جيڪا ڊجيٽل اڪانامي، انوويشن ۽ انٽرنيشنل ڊجيٽل ڪوآپريشن ۾ سندس مهارت ۽ خدمتن جي عڪاسي ڪري ٿي. گڏيل قومن پاران …
سعودي عورت ديما اليحييٰ گڏيل قومن جي اعليٰ سطح جي پينل جي ميمبر مقرر

مزید خبریں
رياض- 02 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سعودي عورت ديما اليحييٰ کي خشڪي جو شڪار اسرندڙ ملڪن جي فريڊم آف ٽرانزٽ بابت اعليٰ سطح جي پينل (HLP-FoT) جو ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ديما اليحييٰ ان پينل ۾ سعودي عرب ۽ خطي جي نمائندگي ڪندي جيڪا ڊجيٽل اڪانامي، انوويشن ۽ انٽرنيشنل ڊجيٽل ڪوآپريشن ۾ سندس مهارت ۽ خدمتن جي عڪاسي ڪري ٿي. گڏيل قومن پاران قائم ڪيل اهو پينل حڪومتن، عالمي تنظيمن، نجي شعبن ۽ تعليمي ماهرن کي گڏ ڪري ٿو. ديما اليحييٰ هن وقت ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائزيشن جي سيڪريٽري جنرل طور پنهنجو ٻيو مدو پورو ڪري رهي آهي ۽ عالمي سهڪار، گهڻ رخي سفارتڪاري، پاليسي سازي ۽ سرحد پار سيڙپڪاري ۽ ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ وسيع تجربو رکي ٿي. سندس مقرري گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن پاران مشاورتي عمل ۽ نامزدگين بعد عمل ۾ آئي آهي.











