گڏيل قومن ۾ 28 ملڪن پاران عالمي برادري کان هڪ طرفان قدم ختم ڪرڻ جو مطالبو

گڏيل قومون -02 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين، روس، مصر ۽ ايران سميت 28 ملڪن عالمي برادري کان هڪ طرفه جبري قدم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهڙا قدم ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ گهڻ رخي نظام جا بنياد ڪمزور ڪن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪانگ گذريل ڏينهن ٿرڊ ڪميٽي ۾ 28 ملڪن پاران گڏيل …

گڏيل قومون -02 آڪٽوبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ چين، روس، مصر ۽ ايران سميت 28 ملڪن عالمي برادري کان هڪ طرفه جبري قدم ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اهڙا قدم ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ گهڻ رخي نظام جا بنياد ڪمزور ڪن ٿا. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن ۾ چين جي مستقل نمائندي فوڪانگ گذريل ڏينهن ٿرڊ ڪميٽي ۾ 28 ملڪن پاران گڏيل بيان پيش ڪندي چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته هڪطرفه جبري قدم عالمي سطح تي بي چيني ۽ بد امني جو وڏو سبب آهي اسرندڙ ملڪن ۽ اتان جو عوام انهن قدمن جو سڀ کان وڌيڪ بار برداشت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هڪ طرفن جبري قدمن ، ثانوي پابندين ۽ ضرورت کان وڌيڪ پابندين جي رجحان اڳ کان موجود انساني ۽ معاشي مشڪلاتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي ۽ خوراڪ ، توانائي ۽ مالياتي تحفظ لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن. سندس چوڻ هيو ته محصول کي هڪ طرفي دٻاءَ لاءِ اوزار طور وڌندڙ معاشي ۽ واپاري معاملن کي وڌيڪ سياسي بڻائي رهيا آهن ، گهڻ رخي واپاري نظام کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. عالمي صنعتي ۽ سپلاءِ چين ۾ خلل وجهي رهيو آهي ۽ ڄاڻايل ملڪن جي پائيدار ترقي جو هدف حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ طرفه جبري قدم بنيادي انساني حقن جن ۾ زندگي، صحت، ترقي ۽ تعليم جو حق شامل آهي. انهن جي شديد خلاف ورزي ڪن ٿا ۽ متاثر ملڪن جي  انهن جي حقن کي يقيني بنائڻ جي صلاحيت کي محدود ڪن ٿا. چين جي مستقل نمائندي چيو ته 28 ملڪ ڪجهه اولهه جي ملڪن کان مطالبو ڪن ٿا ته هو عالمي برادري جي انهن مطالبن تي ڌيان ڏين. گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون جي پاسداري جا پنهنجا وعده پورا ڪن ۽ سمورن هڪ طرفن جبري قدمن کي فوري غير مشروط ۽ مڪمل طور تي ختم ڪن. هن چيو ته ميمبر ملڪ گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالمي تنظيمن کي به اهڙا غير قانوني قرار ڏنل ڪاررواين جي گڏيل مخالفت ۽ متاثر ملڪن جي درپيش مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن.