پاڪستان پاران مدينه منوره ۾ طيبه پاور ڊسٽريبيوشن اسٽيشن تي حوثي مليشيا پاران حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مدينه منوره ۾ طيبه پاور ڊسٽريبيوشن اسٽيشن تي حوثي مليشيا پاران حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان پختي يڪجهتي جو اظهار ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته مدينه منوره ۾ مسجد نبوي کي بجلي فراهم ڪندڙ انفراسٽرڪچر تي مذمت جوڳو حملو سنگين اشتعال انگيزي آهي ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن …

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مدينه منوره ۾ طيبه پاور ڊسٽريبيوشن اسٽيشن تي حوثي مليشيا پاران حملي جي شديد مذمت ڪندي سعودي عرب سان پختي يڪجهتي جو اظهار ورجاءُ ڪيو آهي. جمعي ڏينهن هڪ بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته مدينه منوره ۾ مسجد نبوي کي بجلي فراهم ڪندڙ انفراسٽرڪچر تي مذمت جوڳو حملو سنگين اشتعال انگيزي آهي ۽ سڄي دنيا جي لکين مسلمانن جي لاءِ گهري ڳڻتي جو سبب آهي، حرمين شريفين جي تقدس ۽ نمازين ۽ زائرين جي سلامتي جو هر حال ۾ احترام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اهڙن قدمن جي فوري ۽ غيرمشروط خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پڻ سنگين خطرو آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان ڀائر ملڪ سعودي عرب سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ۽ سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سلامتي جي لاءِ مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو، اسان حرمين شريفين جي تحفظ، پنهنجي عوام جي حفاظت ۽ زائرين جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي سعودي عرب جي ڪوششن ۾ ان سان گڏ مضبوطي سان گڏ بيٺل آهيون. ترجمان چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ماضي ۾ به ڀرپور ڪوششون ڪندو رهيو آهي ۽ اڳتي به اهي ڪوششون جاري رکندو.