اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني زرعي جنسن جي لاءِ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مسلسل محنت سان برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي مقصد ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکنداسين، ملائيشيا جي لاءِ پاڪستاني چانورن جي اضافي برآمدات حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيُون ٿا. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي …
پاڪستاني زرعي جنسن جي لاءِ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني زرعي جنسن جي لاءِ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مسلسل محنت سان برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي مقصد ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکنداسين، ملائيشيا جي لاءِ پاڪستاني چانورن جي اضافي برآمدات حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيُون ٿا. جمعي جي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب، وزيراعظم طرفان پاڪستاني چانورن جي اضافي برآمدات حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، قومي خوراڪ جي تحفظ واري وزير، واپار واري وزير، واپار ۽ قومي خوراڪ جي سيڪريٽرين تحفظ جون ڪوششون قابل تحسين آهن. 70 هزار ميٽرڪ ٽن اضافي پاڪستاني چانورن جي برآمد، آبادگارن جي خوشحالي ۽ ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني زرعي جنسن جي لاءِ عالمي منڊين تائين پهچ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مسلسل محنت سان برآمدات تي ٻڌل معاشي ترقي جي مقصد ڏانهن پنهنجو سفر جاري رکنداسين. واضح رهي ته آڪٽوبرکان ڊسمبر 2026ع جي عرصي دوران ملائيشيا جي لاءِ پاڪستاني چانورن جي برآمدات ۾ وڌي 70 هزار ميٽرڪ ٽن جو اضافو ڪيو ويو آهي. پاڪستاني چانورن جي اضافي 70 هزار ميٽرڪ ٽن برآمدات جو حصول وزيراعظم جي هدايتن تي موثر سفارتي ۽ واپاري ڪوششن جو نتيجو آهي. لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ ملائيشيا سان اضافي پاڪستاني چانورن جي برآمدات جو معاملو مؤثر انداز ۾ اڳيان وڌايو.











