وزيراعظم پاران ريل جي سفر ۾ عوام جي سهولت ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد - 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي واري وزارت کي مسافرن جي سهولتن ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اهي هدايتون اسلام آباد ۾ ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات دوران ڏنيون. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي وزيراعظم کي ريلوي جي وزارت ۽ جاري ترقياتي منصوبن سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم …

اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريلوي واري وزارت کي مسافرن جي سهولتن ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم اهي هدايتون اسلام آباد ۾ ريلوي جي وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات دوران ڏنيون. وفاقي وزير محمد حنيف عباسي وزيراعظم کي ريلوي جي وزارت ۽ جاري ترقياتي منصوبن سان لاڳاپيل معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ريلوي ٽريڪس جي بروقت مرمت ۽ سار سنڀال کي يقيني بڻائڻ لاءِ عملي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته مسافرن جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏني وڃي. هن پاڪستان ريلوي جي مال بردار سروسز کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ ڪوششون ڪرڻ جي پُڻ هدايت ڪندي چيو ته مال برداري واري شعبي کي مضبوط بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. اجلاس دوران، وفاقي وزير وزيراعظم کي ريلوي واري وزارت سان لاڳاپيل مختلف معاملن سميت جاري ترقياتي منصوبن بابت پُڻ آگاهه ڪيو. جڏهن ته مُلاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.