اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آپريشن ۾ 7 خوارج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي تي سيڪيورٽي جي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. صدر چيو …
صدر پاران اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر آپريشن ۾ 7 خوارج دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي تي سيڪيورٽي جي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو آهي. صدر چيو ته عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪوششون قابل تحسين آهن.












