وزيراعظم پاران اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 7 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 7 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف منظم ڪارروايُون سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ اسان جي قومي عزم جون عڪاس آهن. سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو، …

اسلام آباد- 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي عيدڪ ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 7 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن خلاف منظم ڪارروايُون سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ اسان جي قومي عزم جون عڪاس آهن. سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به تباهه ڪيو، جيڪو قابل تحسين آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب، وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪارڪردگي ملڪ جي امن ۽ سلامتي جي ضامن آهي، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته سڀني دهشتگرد عنصرن جي خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڀرپُور ڪارروايون جاري رهنديون، پوري قوم پنهنجي بهادر هٿياربند فوج تي فخر ڪري ٿي.