سعودي عرب جي ولي عهد پاران علائقائي خطرن کان خبرداري، گڏيل نار جي سيڪيورٽي تي زور

رياض- 01 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان علائقائي خطرن کان خبردار ڪندي گڏيل نار جي سيڪيورٽي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته سعودي عرب علائقائي ڇڪتاڻ کي گهٽائيندو ۽ سفارتي حل جون ڪوششون جاري رکندو. نار جي سلامتي ۽ استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. شوريٰ ڪائونسل جي نائين اجلاس جي ٽئين سال جي افتتاح جي موقعي تي سالياني …

رياض- 01 آڪٽوبر(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان علائقائي خطرن کان خبردار ڪندي گڏيل نار جي سيڪيورٽي تي زور ڀريو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن چيو ته سعودي عرب علائقائي ڇڪتاڻ کي گهٽائيندو ۽ سفارتي حل جون ڪوششون جاري رکندو. نار جي سلامتي ۽ استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي. شوريٰ ڪائونسل جي نائين اجلاس جي ٽئين سال جي افتتاح جي موقعي تي سالياني خطاب ۾ سعودي ولي عهد چيو ته اسان ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي حل جي حمايت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر پنهنجي سلامتي جي تحفظ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪنداسين. ڪنهن به خطري يا حملي جو فيصلائتو جواب ڏيڻ کان پاسو نه ڪيو ويندو. سعودي ولي عهد جو چوڻ هو ته خطي جي استحڪام کي هٿي ڏيڻ، ان کي ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جي اثرن کان محفوظ رکڻ ۽ ڪوششن ۾ هم آهنگي جي سلسلي ۾ ”مڪه دفاعي اتحاد“ سعودي عرب، جمهوريا ترڪيه ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان وچ ۾ قائم ڪيو ويو آهي.