ڪابل-01 آڪٽوبر(اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان انتظاميا جون صحافت جي آزادي ۽ ميڊيا جي خودمختياري تي سنگين پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پوءِ افغان ميڊيا عملي طور تي مفلوج ٿي وئي آهي. افغان ميڊيا سپورٽ آرگنائيزيشن(اي ايم ايس او) جاري ڪيل بيان ۾ صحافين تي وڌنڌڙ تشدد، غير قانوني گرفتارين ۽ ظالماڻي سينسرشپ جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ معلومات تائين رسائي تي لاڳو غير …
افغانستان ۾ طالبان انتظاميا جي اثر هيٺ صحافت جي آزادي شديد متاثر، افغان ميڊيا سپورٽ آرگنائيزيشن پاران صحافين تي تشدد ۽ سينسر شپ جي مذمت
ڪابل-01 آڪٽوبر(اي پي پي) افغانستان ۾ طالبان انتظاميا جون صحافت جي آزادي ۽ ميڊيا جي خودمختياري تي سنگين پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پوءِ افغان ميڊيا عملي طور تي مفلوج ٿي وئي آهي. افغان ميڊيا سپورٽ آرگنائيزيشن(اي ايم ايس او) جاري ڪيل بيان ۾ صحافين تي وڌنڌڙ تشدد، غير قانوني گرفتارين ۽ ظالماڻي سينسرشپ جي شديد مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ معلومات تائين رسائي تي لاڳو غير قانوني پابنديون فوري طور تي ختم ڪيون وڃن ۽ ميڊيا ورڪرز کي فوري طور تي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. تنظيم موجب طالبان حڪومت منظم طريقي سان صحافين کي هراسان ڪري رهي آهي ۽ صرف ۽ صرف طالبان رجيم جي هڪ طرفن بيانن ۽ بااثر حڪومتي حلقن جي پسنديده معلومات نشر ڪري رهي آهي. افغان ميڊيا سپورٽ آرگنائيزيشن واضع ڪيو ته ٽي وي چينلز تي لائيو تصويرن جي فراهمي، سياسي ٽاڪ شوز ۽ آزاد طريقي سان بحث مباحثن تي لاڳو ظالماڻي سينسر شپ ۽ لڳاتار ملندڙ سنگين ڌمڪين سبب صحافتي ادارا ساه کڻڻ جي سگهه وڃائي ويٺا آهن جنهن سان خطي ۾ بنيادي انساني حقن ۽ آزاد معلومات جي فراهمي کي شديد خطرا درپيش آهن.












