سان فرانسسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي سرچ انجڻ گوگل مصنوعي ذهانت جو نئون جديد ماڊل آرگن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ڪمپني جي ايندڙ نسل جيمني 4 ماڊلز جو بنياد وجهندو. گوگل جي ترجمان ٻڌايو ته آرگن ڪمپني جي اڳوڻي اعليٰ درجي جي پرو ماڊلز جي پوري سيريز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏو ماڊل آهي. ترجمان چيو ته پيچيده ڪمن لاءِ هن وقت تائين گوگل جو سڀ کان وڌيڪ ڪارڪردگي …
گوگل مصنوعي ذهانت جو نئون جديد ماڊل آرگن متعارف ڪرائي ڇڏيو
سان فرانسسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي سرچ انجڻ گوگل مصنوعي ذهانت جو نئون جديد ماڊل آرگن متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جيڪو ڪمپني جي ايندڙ نسل جيمني 4 ماڊلز جو بنياد وجهندو. گوگل جي ترجمان ٻڌايو ته آرگن ڪمپني جي اڳوڻي اعليٰ درجي جي پرو ماڊلز جي پوري سيريز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وڏو ماڊل آهي. ترجمان چيو ته پيچيده ڪمن لاءِ هن وقت تائين گوگل جو سڀ کان وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ماڊل آهي ۽ اهم ڪوڊنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي بينچ مارڪس ۾ جديد ترين ماڊلز جي برابر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٿو، گوگل موجب اهو ماڊل سائبر سيڪيورٽي شراڪت داري فراهم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان کي عام صارفين لاءِ جاري ڪرڻ جو ڪو حتمي وقت نه ٻڌايو ويو آهي.












