بل گيٽس اي آءِ وسيلي هڪ ارب فوتگين جي خدشي وارو موقف بدلائي ڇڏيو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ

واشنگٽن - 30 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ ارب پتي بل گيٽس منصوعي ذهانت (اي آءِ)  بابت پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو اهو نٿو سمجهي ته اي آءِ اهڙن واقعن جو سبب بڻجي سگهي ٿي جن جي نتيجي ۾ هڪ ارب ماڻهو فوت ٿين. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ چيو ته بل گيٽس گذريل ڏينهن ان جي …

واشنگٽن – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته مائيڪرو سافٽ جي باني ۽ ارب پتي بل گيٽس منصوعي ذهانت (اي آءِ)  بابت پنهنجو موقف تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو اهو نٿو سمجهي ته اي آءِ اهڙن واقعن جو سبب بڻجي سگهي ٿي جن جي نتيجي ۾ هڪ ارب ماڻهو فوت ٿين. پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ چيو ته بل گيٽس گذريل ڏينهن ان جي ابتڙ موقف اختيار ڪيو هو، جڏهن ته آمريڪي صدر اهو واضح ناهي ڪيو ته هن گيٽس جي ان ڳالهه ٻولهه بابت ڪٿان ٻڌو آهي. ان کان اڳ آچر تي  هڪ انٽرويو ۾ بل گيٽس ٽرمپ جي اي آءِ بابت پاليسي تي تنقيد ڪندي چيو هو ته  اي آءِ سان وابسته خطرن جي روڪٿام لاءِ حڪومتي قدم کڻڻ ضروري آهن. بل گيٽس ويجهڙائي ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي جي ترقي سبب پيدا ٿيندڙ امڪاني خطرن کي محدود ڪرڻ تي زور ڀريندو رهيو آهي.