برسلز- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ڪميشن يوڪرين جي هارين جي مدد لاءِ 220 ملين يورو جي مالي مدد جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. بلومبرگ يوڪرين جي زراعت ۽ فوڊ پاليسي واري وزير تاراس ويسوٽسڪي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته يوڪرين يورپي يونين کان زرعي شعبي لاءِ پهرين کان مهيا ڪيل مالي مدد کان علاوه اضافي ۽ مخصوص مدد جي درخواست ڪئي هئي. وزير مطابق، يورپي ڪميشن …
يورپي ڪميشن پاران يوڪرين جي هارين لاءِ 220 ملين يورو جي امداد جي درخواست رد
برسلز- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) يورپي ڪميشن يوڪرين جي هارين جي مدد لاءِ 220 ملين يورو جي مالي مدد جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. بلومبرگ يوڪرين جي زراعت ۽ فوڊ پاليسي واري وزير تاراس ويسوٽسڪي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته يوڪرين يورپي يونين کان زرعي شعبي لاءِ پهرين کان مهيا ڪيل مالي مدد کان علاوه اضافي ۽ مخصوص مدد جي درخواست ڪئي هئي. وزير مطابق، يورپي ڪميشن هارين جي مدد ۽ انهن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ 220 ملين يورو فراهم ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته يوڪرين کي ورلڊ بينڪ کان 250 ملين ڊالرن جي رعايتي قرض ذريعي گهربل فنڊ ملندا. ويسوٽسڪي وڌيڪ چيو ته يوڪرين آگسٽ ۾ سال 2027ع لاءِ بائيو ايٿنول ۽ کنڊ جي ڊيوٽي فري امپورٽ ڪوٽا ۾ واڌ جي درخواست پڻ ڪئي هئي ته جيئن يورپي مارڪيٽ ۾ گهربل شين جو روانگي واپار وڌائي سگهجي. هن چيو ته جيڪڏهن اها درخواست منظور ٿي وڃي ٿي ته يوڪرين ٻين زرعي شين لاءِ به امپورٽ ڪوٽه ۾ واڌ جي درخواست ڪندو.












