سعودي عرب ۽ مراڪش وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

رياض- 29 سيپٽمبر(اي پي پي)سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان سان  مراڪش جي نيشنل ڊفينس ايڊمنسٽريشن جي انچارج وزير عبداللطيف لوديي ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي . پرڏيهي  ميڊيا موجب رابطي دوران سعودي عرب ۽ مراڪش وچ ۾ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي طريقن تي بحث ڪيو ويو. موجوده صورتحال ۽  خطي جي سلامتي ۽ استحڪام جي حمايت لاءِ پنهنجي گڏيل ڪوششن جو جائزو ورتو ويو.