وزيراعظم پاران خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ …

اسلام آباد- 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن، جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان ڪولهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايُون جاري رهنديُون. پاڪستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم ڪامياب آپريشنز ۾ حصو وٺندڙ سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو ته پوري قوم کي پنهنجي بهادر سپُوتن تي فخر آهي.