پشاور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪي سلامتي جي قومي ويزن عزم استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي خيبر جي علائقي باڙه ۾ هڪ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جي 5 بدنام دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل ڳجهي ڄاڻ تي ڪئي وئي. فورسز جي اثرائتي ۽ تيز رفتار ڪارروائي جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن …
خيبر پختونخوا جي علائقي باڙه ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن، فتنه الخوارج جا 5 دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
پشاور -29 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪي سلامتي جي قومي ويزن عزم استحڪام تحت سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا جي قبائلي ضلعي خيبر جي علائقي باڙه ۾ هڪ ڪامياب انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪندي فتنه الخوارج جي 5 بدنام دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن مطابق آپريشن دهشتگردن جي موجودگي جي تصديق ٿيل ڳجهي ڄاڻ تي ڪئي وئي. فورسز جي اثرائتي ۽ تيز رفتار ڪارروائي جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ جديد هٿيار، گولا بارود ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي ذريعن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ پائيدار قومي امن جي قيام لاءِ پرعزم آهي.











