گوادر جي ٽي ٽي سي ڪالوني جي رهواسي حنيف جي گم ٿيل ڀيڻ بابت بيان، دهشتگرد تنظيمن  سان خاندان جي لاتعلقي جو اعلان

گوادر -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گوادر جي ٽي ٽي سي ڪالوني جي رهواسي حنيف ولد چڪا پنهنجي 6 ڏينهن کان گم ڀيڻ ثمينه جي گمشدگي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صورتحال واضح ڪرڻ ۽ ان جي بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ وڊيو ۽ لکت واري بيان ۾ حنيف چيو ته سندس تعلق هڪ غريب ۽ پورهيت گهراڻي سان آهي جيڪو روزانو جي مزدوري ذريعي عزت جي …

گوادر -29 سيپٽمبر (اي پي پي) گوادر جي ٽي ٽي سي ڪالوني جي رهواسي حنيف ولد چڪا پنهنجي 6 ڏينهن کان گم ڀيڻ ثمينه جي گمشدگي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صورتحال واضح ڪرڻ ۽ ان جي بازيابي جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي هڪ وڊيو ۽ لکت واري بيان ۾ حنيف چيو ته سندس تعلق هڪ غريب ۽ پورهيت گهراڻي سان آهي جيڪو روزانو جي مزدوري ذريعي عزت جي روزي ڪمائي ٿو. هن چٽن لفظن ۾ واضح ڪيو ته اگر ثمينه پنهنجي طور ڪنهن دهشتگرد يا شرپسند تنظيم جو ححصو بڻي ته سندس گهراڻي جو ان جي ڪنهن به قدم سان ڪو به تعلق نه هوندو. حنيف جو چوڻ هو ته اسان محب وطن پاڪستاني شهري آهيون، ملڪي آئين ۽ قانون جي مڪمل تابع آهيون ۽ رياست مخالف ڪنهن به عمل جي هرگز حمايت نه ڪنداسين.