گڏيل قومون - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ بدران ڳالهه ٻولهه، ڏاڍ بدران تعاون ۽ جنگ بدران امن جو رستو اختيار ڪيو آهي، عالمي اعتماد جي بحالي ۽ پائيدار امن جي لاءِ وچ اوڀر، ڪشمير ۽ فلسطين سميت تڪرارن جو منصفاڻو حل ضروري آهي، ميزائلن، ڊرونز ۽ بندوقن جي آوازن جي وچ ۾ سفارتڪاري جو آواز وڌيڪ بلند ٿيڻ گهرجي، قرآن …
قرآن پاڪ جو پيغام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسلام آباد ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي عملي امن ڪوششن جو مظهر آهي، حرمين شريفين جو تحفظ ريڊ لائين آهي، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو، ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
گڏيل قومون – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ بدران ڳالهه ٻولهه، ڏاڍ بدران تعاون ۽ جنگ بدران امن جو رستو اختيار ڪيو آهي، عالمي اعتماد جي بحالي ۽ پائيدار امن جي لاءِ وچ اوڀر، ڪشمير ۽ فلسطين سميت تڪرارن جو منصفاڻو حل ضروري آهي، ميزائلن، ڊرونز ۽ بندوقن جي آوازن جي وچ ۾ سفارتڪاري جو آواز وڌيڪ بلند ٿيڻ گهرجي، قرآن پاڪ جو امن جو پيغام اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، اسلام آباد ڳالهه ٻولهه پاڪستان جي عملي امن جي ڪوششن جو مظهر آهي، حرمين شريفين جو تحفظ ريڊ لائين آهي، ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو، ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين، پاڻي روڪڻ جنگي قدم آهي، آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ لازمي آهي، لبنان ۽ شام تي اسرائيلي جارحيت بند ڪئي وڃي، دهشتگردي ۽ اسلامو فوبيا جي خاتمي، معاشي ترقي، موسمياتي انصاف ۽ گڏيل قومن ۾ منصفاڻي سڌارن جي لاءِ عملي قدم ضروري آهن. جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ۽ علائقائي امن، انساني حقن، پاڪستان جي سلامتي، پاڻي حقن، دهشتگردي، اسلامو فوبيا، معاشي ترقي ۽ موسمياتي انصاف تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. اجلاس جو موضوع “اعتماد جي بحالي، تبديلي جو انتظام: اهڙي گڏيل قومون جيڪا سڀني جي لاءِ موثر ثابت ٿئي” آهي. وزيراعظم چيو ته 24 ڪروڙ باهمت، ثابت قدم ۽ امن پسند پاڪستاني عوام پاران هن معزز ايوان کي چوٿون ڀيرو خطاب ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته دنيا هڪ خطرناڪ دور مان گذري رهي آهي، جڏهن ته مستقبل اڳ کان طئي ٿيل نه آهي. جنگ ۽ امن ٻئي چونڊ آهن ۽ ڪجهه وقتن تي وڏي بهادري جنگ شروع ڪرڻ بدران ان کي روڪڻ ۾ هوندي آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها موجوده ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ امن جي چونڊ ڪري. امن جي اهميت بيان ڪندي وزيراعظم سورته الانفال جي آيت نمبر 61 جو حوالو ڏنو، “۽ جيڪڏهن اهي صلح طرف مائل ٿين ته توهان به ان طرف مائل ٿي وڃو”. هن چيو ته امن حاصل ڪرڻ انساني ڪوششن جي عظيم ترين مقصدن ۾ شامل آهي. قائداعظم محمد علي جناح به گڏيل قومن جي منشور جي حمايت ۽ عالمي امن ۽ خوشحالي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو عزم ظاهر ڪيو هو. وزيراعظم موجب اهي تعليمات پاڪستان جي قومي تشخص ۽ داخلي ۽ خارجي طرزعمل جا رهنما آهن. ڀارتي جارحيت جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان کي بنا جواز ٻاهرئين حملي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ هٿياربند فوج پيشيواراڻي مهارت ۽ درست حڪمت عملي سان جواب ڏئي دشمن جا حملا پسپا ڪيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وقت سر مداخلت کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششون اهڙي فيصلائتي موقعي تي سامهون آيون جڏهن ٻه ائٽمي پاڙيسري ملڪ وسيع جنگ جي ويجهو هئا. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا کي ٻيهر ان خطرناڪ صورتحال کان بچائڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو منصفاڻو حل ضروري آهي. ڪشمير جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام 8 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي واعدي جي تڪميل جي منتظر آهي. هن غيرقانوني قبضي، من ماني حراست، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگين، جنسي تشدد ۽ گڏيل سزائن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت بدلائڻ جون ڪوششون به ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ڪشميري مائرون ۽ پيءُ پنهنجي انهن ٻارن جي واپسي جا منتظر آهن جيڪي ڪڏهن واپس نه ٿا اچن، جڏهن ته ڪيترن ئي خاندانن جون زندگيون بي نام قبرن جي ڳولا ۾ گذري وڃن ٿيون. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان ڪشميرين جي فتح نه ٿيڻ جوڳو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي مڪمل سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ سدائين رهندو. سنڌ طاس معاهدي تي وزيراعظم چيو ته ڀارت جو ان کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جو فيصلو قانوني بنياد کان محروم آهي. سندس موجب گڏيل قومن جي ماهرن ۽ ثالثي عدالت جي موقف پاڪستان جي ان ڳالهه جي تائيد ڪئي آهي ته معاهدو بدستور موثر ۽ ڌرين جي لاءِ پابند آهي. هن واضح ڪيو ته پاڻي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ، ان ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪوشش جنگي قدم تصور ڪيو ويندو. وزيراعظم پاڪستان جي صدارت ۾ سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 2788 جي متفقه منظوري کي تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ثبوت قرار ڏنو. هن چيو ته هلندڙ سال فيبروري ۾ نار ۽ وچ اوڀر ۾ تڪرار سان انساني جانين، معيشتن ۽ اهم سامونڊي رستن، خاص طور تي آبناءِ هرمز کي شديد نقصان پهتو. هن چيو ته ان نازڪ موقعي تي پاڪستان فوري عملي قدم کنيو ۽ مسلسل ڪوششن سان واشنگٽن ۽ تهران کي اسلام آباد ۾ هڪ ميز تي آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. اسلام آباد ڳالهه ٻولهه کان اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تائين تڪرار جي خاتمي جي لاءِ تاريخي قدم کنيا ويا. وزيراعظم سفارتڪاري جي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڪوششن کي ساراهيو. تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي وزيراعظم چيو ته جنگ جي گوڙ ۾ سفارتڪاري جو آواز وڌيڪ بلند هجڻ گهرجي. هن آبناءِ هرمز ۽ باب المندب کي عالمي معيشت جي شهه رڳ قرار ڏيندي چيو ته اهي رستا کليل رهڻ گهرجن ته جيئن قومن کي ڳنڍين ۽ خوشحالي جو ذريعن بڻجن. وزيراعظم سعودي عرب جي خلاف حوثين جي حملن ۽ مڪه مڪرمه تي ڊرون حملي جي ڪوشش جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته حرمين شريفين جي سلامتي ۽ تقدس جو ڪو خطرو ناقابل قبول آهي ۽ پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي رکي ٿو. پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي هن خطي جي دفاع، استحڪام ۽ امن جو گڏيل عزم قرار ڏنو، جيڪو ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي. فلسطين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي عورتون، ٻار ۽ بزرگ نسلن کان قبضي، بيدخلي ۽ تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن سوال ڪيو ته ڇا غزه جو ٻار دنيا جي ٻين ٻارن جهڙي زندگي ۽ مستقبل جو حق نه ٿو رکي؟ وزيراعظم چيو ته انهن ٻارن جا سانحا عالمي خاموشي ۽ بي عملي جي خلاف فرد جرم آهن. هن اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي تشدد ۽ فلسطينين جي جبري بيدخلي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست جي حمايت ورجائي، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن لبنان ۽ شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي پڻ مذمت ڪندي ان کي فوري روڪڻ جو مطالبو ڪيو. دهشتگردي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان اٽڪل هڪ لک جانين جي قرباني ڏني ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ معاشي نقصان برداشت ڪيو. هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهرين جي انهن قربانين کي امن پسند دنيا ڪڏهن به نه وساري. وزيراعظم چيو ته ٽي ٽي پي ۽ بي ايل اي افغانستان ۾ موجود پناهگاهن تان پاڪستان جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن. هن افغان عملدارن کان پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۽ قابل تصديق، فيصلائتي قدمن جو مطالبو ڪيو ته جيئن افغان سرزمين ڪنهن ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي. هن افغان عوام، خاص طور تي عورتن ۽ ٻارڙين جي بنيادي حقن جي احترام تي پڻ زور ڀريو. گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستاني اهلڪارن جي خدمتن کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني مرد ۽ عورتون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان شهرين جي تحفظ ۽ تڪرارن کان متاثر ملڪن ۾ امن جي بحالي جي لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جن جي قربانين تي قوم کي فخر آهي. اسلامو فوبيا تي وزيراعظم مسلمانن جي خلاف نفرت انگيز تقريرن، امتيازي سلوڪ، مسجدن تي حملن ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن ڀارت ۾ آر ايس ايس سان واڳيل هندوتوا نظريي تحت مذهبي نفرت ۽ تشدد جو ذڪر ڪيو ۽ سهارنپور ۾ 150 سال پراڻي مسجد کي شهيد ڪرڻ جو مثال ڏنو. هن چيو ته دنيا ۾ مذهبي نفرت جي ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي. قومي معيشت جي حوالي سان وزيراعظم معاشي بحالي کي حڪومت جي بنيادي ذميواري قرار ڏنو. هن چيو ته سڌارن ۽ مالياتي نظم ۽ ضبط جي ذريعي استحڪام بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته زراعت ۽ صنعت جي جدت، معدني وسيلن جي ترقي، ڊيجيٽل معيشت ۽ نوجوانن جي مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي ۾ تربيت تي ڪم جاري آهي. سي پيڪ ۽ نار ۽ وچ ايشيا سان رابطن کي فروغ ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ جي عالمي ترقي، سلامتي، تهذيب ۽ حڪمراني جي قدمن کي ساراهيو. هن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ وقت سر قرضن ۾ ريليف، مناسب ڊگهي مدي واري مدد ۽ عالمي مالياتي ادارن ۾ وڌيڪ موثر نمائندگي جو مطالبو ڪندي چيو ته ترقي کي سلامتي جيترو ڌيان ملڻ گهرجي. موسمياتي تبديلي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان عالمي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو رکي ٿو، پر بار بار تباهي آڻيندڙ اثر برداشت ڪري ٿو. هن ترقي يافته ملڪن کان موسمياتي واعدا پورا ڪرڻ، نقصانن جي ازالي ۽ متاثر ملڪن جي تياري ۽ بحالي جي لاءِ تعاون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وزيراعطم چيو ته اعتماد رڳو لفظن سان بحال نه ٿو ٿئي پر عملي قدمن سان حاصل ٿئي ٿو. اعتماد تڏهن بحال ٿيندو جڏهن درياءَ تعاون جو ذريعو بڻجن، موسمياتي بحران جا ذميوار ملڪ متاثرين جي مدد ڪن ۽ بندوقن جي جڳهه ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون وٺي. هن “يو اين 80 قدم” جي ذريعي گڏيل قومن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻ ۽ سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائنده، جمهوري ۽ جوابده بڻائڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته سڌارا ميمبر ملڪن جي اڪثريت جي مفادن جا عڪاس هجڻ گهرجن. پاڪستان جو نصب العين “سڀني جي لاءِ سڌارا، ڪنهن جي لاءِ خصوصي استحقاق نه” آهي. وزيراعظم جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي صدر خليل الرحمان کي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هن انالينا بيئربوڪ جي گذريل اجلاس جي قيادت کي ساراهيو ۽ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي گڏيل قومن ۽ عالمي ڏکڻ جي لاءِ موثر آواز اٿارڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو.






