گڏيل قومون - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ غيرتمند شهرين دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون ان جي لاءِ دنيا اڄ وڌيڪ محفوظ آهي، ٻاهرئين مالي مدد سان هلندڙ گروه افغانستان جي اندر موجود محفوظ پناهگاهن تان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان ڪارروايون ڪن ٿا، ان صورتحال جو فوري ۽ مڪمل خاتمو …
اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ غيرتمند شهرين دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون ان جي لاءِ دنيا اڄ وڌيڪ محفوظ آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
گڏيل قومون – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ غيرتمند شهرين دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون ان جي لاءِ دنيا اڄ وڌيڪ محفوظ آهي، ٻاهرئين مالي مدد سان هلندڙ گروه افغانستان جي اندر موجود محفوظ پناهگاهن تان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان ڪارروايون ڪن ٿا، ان صورتحال جو فوري ۽ مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ لاڳيتو سنگين خطرن مان هڪ آهي، دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جي ملڪ جي حيثيت سان اسان پنهنجي ئي شهرن، پنهنجي جبلن ۽ پنهنجي سرحدن تي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان اٽڪل هڪ لک قيمتي جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ دنيا وڌيڪ محفوظ آهي ۽ آئون انتهائي عاجزي سان چوندس ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ غيرتمند شهرين انهن دهشتگردن ۽ شرپسندن جو مقابلو ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون، امن پسند دنيا کي ان حقيقت کي ڪڏهن وسارڻ نه گهرجي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي سرزمين لاڳيتو تحريڪ طالبان پاڪستان، فتنه الخوارج ۽ بي ايل اي، فتنه الهندستان جي استعمال هيٺ آهي، اهي ٻاهرئين مالي مدد سان هلندڙ گروهه افغانستان جي اندر موجود محفوظ پناهگاهن تان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان ڪارروايون ڪن ٿا، ان صورتحال جو فوري ۽ مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته افغان عملدارن کي پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن ۽ تصديق جوڳا ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن افغان سرزمين ٻيهر ڪڏهن به پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، افغان عوام جي بنيادي حقن خاص طورتي عورتن ۽ ٻارڙين جي حقن جو هر حال ۾ احترام ڪرڻ گهرجي.







