گڏيل قومون - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، مذهبي نفرت جي هن دنيا ۾ ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي ڇو ته مسلمانن …
اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
گڏيل قومون – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، مذهبي نفرت جي هن دنيا ۾ ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي ڇو ته مسلمانن کي نفرت انگيز تقريرن، مسجدن تي حملن ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي درپيش آهي. هن چيو ته اسان جي سرحد جي بلڪل ٻئي طرف آر ايس ايس سان واڳيل هندوتوا نظريو مذهبي نفرت کي هوا ڏئي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ فرقيواراڻي فسادن، عبادتگاهن تي حملن ۽ مذهبي آزادين تي پابنديون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، هن ئي مهيني جي شروع ۾ سهارنپور، ڀارت ۾ 150 سال پراڻي مسجد کي شهيد ڪرڻ ان جو هڪ مثال آهي، مذهبي نفرت جي لاءِ هن دنيا ۾ قطعي طور تي ڪا به جڳهه نه هجڻ گهرجي.







