گڏيل قومون - 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۽ جنگ بدران امن ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي، عالمي اعتماد جي بحالي ۽ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وچ اوڀر، ڪشمير ۽ فلسطين سميت تازن تڪرارن جو حل انتهائي اهم آهي، تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ميزائلن، ڊرونز ۽ بندوقن جي آوازن جي وچ ۾ سفارتڪاري جي آواز کي …
پاڪستان جنگ بدران امن جو رستو اختيار ڪيو، عالمي امن جي لاءِ ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي جو حل لازمي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب

مزید خبریں
گڏيل قومون – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۽ جنگ بدران امن ۽ ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني آهي، عالمي اعتماد جي بحالي ۽ امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وچ اوڀر، ڪشمير ۽ فلسطين سميت تازن تڪرارن جو حل انتهائي اهم آهي، تازي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ ميزائلن، ڊرونز ۽ بندوقن جي آوازن جي وچ ۾ سفارتڪاري جي آواز کي وڌيڪ بلند ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع “اعتماد جي بحالي، تبديلي جو انتظام: اهڙي گڏيل قومون جيڪا سڀني جي لاءِ موثر ثابت هجي” آهي. 193 رڪني عالمي اداري کي پنهنجي چوٿين خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ۽ علائقائي سطح تي درپيش اهم چئلينجز جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ ويزن پيش ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ وچ اوڀر جي صورتحال، انساني حقن جي خلاف ورزين، فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني بحرانن، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي، افغانستان مان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي وڌندڙ خطري، موسمياتي تبديلي جي اثرن، اسرندڙ ملڪن تي وڌندڙ معاشي ۽ قرضن جي بار ۽ عالمي سطح تي ڇڪتاڻ ۾ فوري طور تي گهٽتائي ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي روشني وڌي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اها منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون 24 ڪروڙ باهمت، ثابت قدم ۽ امن پسند پاڪستاني عوام پاران هن معزز ايوان کي چوٿون ڀيرو خطاب ڪري رهيو آهيان. محمد شهباز شريف موجوده عالمي ۽ علائقائي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان هڪ خطرناڪ وقت ۾ رهي رهيا آهيون پر اسان جو مستقبل يقيني طور تي اڳ کان طئي ٿيل نه آهي تنهن ڪري جنگ هڪ چونڊ (چوائس) آهي جڏهن ته امن ان کان وڌيڪ بهتر چونڊ آهي ۽ ڪجهه وقتن تي وڏي بهادري جنگ شروع ڪرڻ ۾ نه آهي پر ان کي روڪڻ ۾ هوندي آهي، پاڪستان چونڊ ڪري ورتي آهي، پاڪستان ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه جي چونڊ ڪئي آهي، اسان ڏاڍ بدران تعاون کي چونڊيو آهي، اسان جنگ بدران امن جي چونڊ ڪئي آهي، جنرل اسيمبلي جو هي 81هون اجلاس اسان جي لاءِ، اسان جي ٻارن جي لاءِ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ اها ئي چونڊ ڪري، اچو اعتماد بحال ڪريون، اچو امن کي محفوظ بڻايون ۽ ثابت ڪريون ته ورهايل دنيا ۾ به انسانيت اڃا متحد ٿي بيهڻ جو رستو اختيار ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته امن حاصل ڪرڻ انساني ڪوششن ۾ سڀ کان عظيم ۽ مقدس مقصدن مان هڪ آهي. قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته “۽ جيڪڏهن اهي صلح طرف مائل ٿين ته توهان به ان طرف مائل ٿي وڃو.” (سورته الانفال، آيت 61). هن چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح رحه به فرمايو هو ته “اسان گڏيل قومن جي منشور سان گڏ بيٺل آهيون ۽ دنيا جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪنداسين”. وزيراعظم چيو ته حڪمت جا اهي موتيءَ پاڪستان جي قومي تشخص جو حصو رهيا آهن ۽ انهن اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ اسان جي طرزعمل جي رهنمائي ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هڪ سال اڳ پاڪستان کي ڀارت پاران بنا جواز ٻاهرئين جارحيت کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 51 تحت پنهنجي دفاع جي بنيادي حق جو استعمال ڪيو، اسان جي بهادر هٿياربند فوج چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دليراڻي قيادت ۾ انتهائي پيشيواراڻي انداز ۾ ۽ صحيح حڪمت عملي سان جواب ڏنو. هن دشمن جي حملن کي پسپا ڪيو ۽ ان کي اهڙو سبق سيکاريو جنهن کي هو ڪڏهن به نه وساري سگهندو. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پُرعزم ۽ دورانديش قيادت جي ڪري ڏکڻ ايشيا ۾ ڪروڙين زندگيون بچايون ويون، هن جي وقت سر مداخلت هڪ اهڙي فيصلائتي موقعي تي سامهون آئي جڏهن ٻه ائٽمي طاقت رکندڙ پاڙيسري ملڪ هڪ وڏي جنگ جي ويجهو بيٺل هئا، ڪير ڄاڻي ٿو ته جيڪڏهن صدر ٽرمپ واضح سوچ ۽ عمل سان ان نازڪ موقعي تي مداخلت نه ڪئي هجي ها ته ڪيتري تباهي ٿي سگهي پئي؟ تنهن ڪري اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ڏکڻ ايشيا ٻيهر ڪڏهن ان خطرناڪ جڳهه تائين نه پهچي پر ان جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو شفاف ۽ منصفاڻو حل ضروري آهي، 8 ڏهاڪن کان ڪشميري عوام گڏيل قومن جي نگراني ۾ آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جي پنهنجي واعدي جي تڪميل جي منتظر آهي، ڪشميري نسل در نسل غيرقانوني قبضي، من ماني ۽ عدالت کان مٿانهين حراست، قتل، جبري گمشدگين، جنسي تشدد ۽ اجتماعي سزا کي منهن ڏيندا آيا آهن، تازي عرصي ۾ آبادياتي ري – انجنيئرنگ ۽ ٻين غيرقانوني قدمن جي ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت تبديل ڪرڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون ويون آهن، بيوس ڪشميري مائرون ۽ پيءَ پنهنجي انهن پٽن ۽ ڌيئرن جا منتظر آهن جيڪي ڪڏهن واپس نه ٿا اچن، انهن جا گهر ڪرفيو ۽ ڏک جي خاموشي ۾ ٻڏل آهن، ڪيترن ئي ماڻهن جي لاءِ ڪا پڄاڻي يا تسلي نه آهي، رڳو اهڙي پوري زندگي آهي جيڪا بي نام قبرن جي ڳولا ۾ گذري وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته هو هن ايوان مان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي پوري ذميواري ۽ اختيار سان يقين ڏياري ٿو ته اسان ان وقت تائين انهن کي پنهنجي مڪمل سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت فراهم ڪندا رهنداسين جيستائين انهن کي خودمختياري جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ سدائين رهندي. وزيراعظم چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام جو هڪ ٻيو بنياد هاڻي دٻاءُ جو شڪار آهي، سنڌ طاس جو گڏيل پاڻي نظام نه رڳو پاڪستان جي عوام پر پوري خطي جي ماڻهن جي لاءِ زندگي جو بنيادي عنصر آهي، موجوده معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل رکڻ جو ڀارت جو فيصلو ڪنهن به قانوني بنياد کان محروم آهي، حقيقت ۾ گڏيل قومن جي ماهرن ۽ تازو ئي ثالثي عدالت پاران به ان جي دعوائن ۽ قدمن کي رد ڪيو ويو آهي جنهن سان اسان جو اهو جائز موقف ته هي معاهدو بدستور موثر، پابند ۽ مڪمل طور تي قابل عمل آهي، صحيح ثابت ٿيو آهي. محمد شهباز شريف چيو ته پاڻي کي ڪڏهن به هٿيار نه بڻائڻ گهرجي، دريائن کي قومن جي پرورش ڪرڻ گهرجي، انهن کي ورڇ ڪرڻ نه گهرجي، تنهن ڪري پاڪستان جي حصي جي پاڻي کي روڪڻ، ان ۾ رڪاوٽ وجهڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪا به ڪوشش جنگي قدم تصور ڪئي ويندي، ڀارت ان بابت ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي صدارت ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران تڪرارن جي پرامن حل جي طريقيڪار کي مضبوط بڻائڻ بابت قرارداد 2788 جو متفقه طور تي منظور ٿيڻ عالمي امن جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان هلندڙ سال فيبروري ۾ نار سان گڏ وچ اوڀر جو وسيع تر خطو تڪرار جي ور چڙهي ويو جنهن سان قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، معيشتن کي نقصان پهتو ۽ عالمي واپار جون اهم سامونڊي گذرگاهون، خاص طور تي آبناءِ هرمز شديد دٻاءُ جو شڪار ٿيون. هن چيو ته ان نازڪ موقعي تي پاڪستان فوري طور تي عملي قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو. گڏيل ۽ مسلسل ڪوششن جي ذريعي پاڪستان واشنگٽن ۽ تهران کي اسلام آباد ۾ هڪ ميزا تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. اسلام آباد ڳالهه ٻولهه کان وٺي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تائين، سنجيده تڪرار جي خاتمي جي لاءِ ڪيترائي تاريخي قدم کنيا ويا. هن چيو ته آئون پاڪستان جي چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي دل جي گهرائين سان قدر ڪريان ٿو جنهن جي اڻٿڪ ڪوششن انتهائي مشڪل حالتن ۾ سفارتڪاري جي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏني، آئون نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪوششن کي پڻ ساراهيان ٿو. وزيراعظم چيو ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته تازن ڏينهن ۾ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ اضافو ڏٺو آهي جڏهن ته ميزائلن، ڊرونز ۽ توپن جي آواز جي وچ ۾ سفارتڪاري جي آواز کي وڌيڪ بلند ٿيڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته آبناءِ هرمز ۽ باب المندب عالمي معيشت جي شهه رڳ آهن، انهن کي کليل رهڻ گهرجي ته جيئن قومن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍين، نه ڪي ٽڪراءُ جا رستا بند ڪندڙ جايون بڻجي وڃن، اهي سامونڊي رستا خوشحالي جو وچن بڻجن، جنگ جا خطرا نه. هن چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر سعودي عرب جي خلاف حوثين جي تازي مذمت جوڳي حملن جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، مقدس شهر مڪه مڪرمه تي ڊرون حملي جي ڪوشش سڄي دنيا جي مسلمانن کي شديد ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، حرمين شريفين جي سلامتي ۽ تقدس جي لاءِ ڪنهن به قسم جو خطرو هڪ اهڙي ڳاڙهي لڪير آهي جنهن کي ڪڏهن به عبور نه ڪرڻ گهرجي، ڪو به مسلمان اهڙي ڪڌي ڏوهه جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، جيئن اسان جي پوري تاريخ ۾ سدائين ٿيندو آيو آهي، امن جي لاءِ اسان جي پراڻي وابستگي پاڪستان جي ڀائر ملڪن سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي مڪه گڏيل دفاعي معاهدي مان به ظاهر ٿئي ٿي، اهو اتحاد ڪنهن ملڪ جي خلاف نه آهي، اهو خطي ۾ دفاع، استحڪام ۽ امن جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جو اظهار آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. فلسطين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته نسل در نسل فلسطيني عوام خاص طور تي عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي قبضي، بيدخلي، مصيبتن ۽ موت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، گذريل سال هن ئي پليٽ فارم تان هند رجب جي دل ڌوڏيندڙ داستان توهان جي سامهون رکي هئي جيڪا هڪ معصوم فلسطيني ٻارڙيءَ هئي ۽ جنهن کي اسرائيلي فوجين بيدرديءَ سان گولي هنئي هئي، هن سال هڪ ٻيو سانحو اسان جي، توهان جي ۽ دنيا جي دلين تي بار آهي، اها 8 سالا وفا عقيله جنهن شهادت ماڻي، جي ڏک ۾ نڍال ماءُ جون اهي چيخون آهن جيڪي اسان جي دلين کي ڌوڏي ڇڏين ٿيون، ان بي رحم جارحيت ۾ جنهن ڏينهن ان کي اسڪول وڃڻو هو، افسوس جو اهو ئي ڏينهن سندس زندگي جو آخري ڏينهن بڻجي ويو، ڇا غزه ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار دنيا جي ڪنهن به ٻئي حصي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جهڙي زندگي، مستقبل ۽ خواب جو حقدار نه آهي؟ هند رجب، وفا عقيله ۽ بي شمار ٻين جا سانحا تاريخ ۾ اسان جي گڏيل ناڪامي ۽ بي عملي جي خلاف هڪ فرد جرم طور تي گونجندا رهندا. وزيراعظم چيو ته اها انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته اسرائيلي تشدد هاڻي اولهندي ڪناري تائين پکڙجي چڪو آهي جتي فلسطينين جي جبري بيدخلي واضح طور تي اسرائيل جي ان ايجنڊا جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن کي پاڪستان نسل ڪشيءَ تي ٻڌل قرار ڏي ٿو ۽ جيڪا بدستور جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف آهي ته واحد منصفاڻو ۽ پائيدار حل هڪ آزاد، خودمختيار، قابل عمل ۽ جاگرافيائي طور تي متصل فلسطيني رياست جو قيام آهي جيڪو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي قائم هجي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن چيو ته اسان لبنان ۽ شام جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي پڻ مذمت ڪريون ٿا، اها به فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. دهشتگردي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته دهشتگردي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ لاڳيتو سنگين خطرن مان هڪ آهي، دهشتگردي جي خلاف پهرين صف جي ملڪ جي حيثيت سان اسان پنهنجي ئي شهرن، پنهنجي جبلن ۽ پنهنجي سرحدن تي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان اٽڪل هڪ لک قيمتي جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاشي نقصان برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته اڄ دنيا وڌيڪ محفوظ آهي ۽ آئون انتهائي عاجزي سان چوندس ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ غيرتمند شهرين انهن دهشتگردن ۽ شرپسندن جو مقابلو ڪيو ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون، امن پسند دنيا کي ان حقيقت کي ڪڏهن وسارڻ نه گهرجي. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي سرزمين لاڳيتو تحريڪ طالبان پاڪستان، فتنه الخوارج ۽ بي ايل اي، فتنه الهندستان جي استعمال هيٺ آهي، اهي ٻاهرئين مالي مدد سان هلندڙ گروهه افغانستان جي اندر موجود محفوظ پناهگاهن تان پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان ڪارروايون ڪن ٿا، ان صورتحال جو فوري ۽ مڪمل خاتمو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته افغان عملدارن کي پنهنجون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن ۽ تصديق جوڳا ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن افغان سرزمين ٻيهر ڪڏهن به پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿئي، افغان عوام جي بنيادي حقن خاص طورتي عورتن ۽ ٻارڙين جي حقن جو هر حال ۾ احترام ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي امن فوج گڏيل سلامتي جي مضبوط ترين مظاهر مان هڪ آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستاني مرد ۽ عورتون نيري جهنڊي هيٺ خدمتون سرانجام ڏيندا آيا آهن، شهرين جو تحفظ ڪندا رهيا آهن ۽ ملڪن کي تڪرارن مان ڪڍي امن طرف وڌڻ ۾ مدد ڏيندا رهيا آهن، اسان انهن جي قابل قدر قربانين تي فخر ڪريون ٿا. محمد شهباز شريف چيو ته اسلامو فوبيا ۾ ڳڻتي جوڳو اضافو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي ڇو ته مسلمانن کي نفرت انگيز تقريرن، مسجدن تي حملن ۽ قرآن ڪريم جي بي حرمتي درپيش آهي. هن چيو ته اسان جي سرحد جي بلڪل ٻئي طرف آر ايس ايس سان واڳيل هندوتوا نظريو مذهبي نفرت کي هوا ڏئي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ فرقيواراڻي فسادن، عبادتگاهن تي حملن ۽ مذهبي آزادين تي پابنديون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، هن ئي مهيني جي شروع ۾ سهارنپور، ڀارت ۾ 150 سال پراڻي مسجد کي شهيد ڪرڻ ان جو هڪ مثال آهي، مذهبي نفرت جي لاءِ هن دنيا ۾ قطعي طور تي ڪا به جڳهه نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم قومي معيشت جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي منهنجي حڪومت جي بنيادي ذميواري ۽ منهنجي دل جي تمام ويجهو هڪ مشن آهي، مشڪل ۽ ڊگهي عرصي کان ملتوي ٿيل ڍانچاجاتي سڌارن ۽ سخت مالياتي نظم ۽ ضبط جي ذريعي اسان معاشي استحڪام بحال ڪيو آهي ۽ پائيدار ۽ جامع ترقي طرف سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان زراعت ۽ صنعت کي جديد بڻائي رهيا آهيون، معدني وسيلن کي ترقي ڏئي رهيا آهيون، معيشت کي ڊيجيٽل بڻائي رهيا آهيون ۽ پنهنجي نوجوانن کي جديد مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي جي مهارتن سان ليس ڪري رهيا آهيون، اسان چين سان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه، جڏهن ته نار، وچ ايشيا ۽ ٻين خطن سان نوان رستا کولي رهيا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ جي بصيرت افرزو قيادت کي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو ۽ گلوبل گورننس انيشي ايٽو جي قيادت ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، انهن قدمن جي بنياد تي اسان يقيني طور تي انسانيت جي لاءِ هڪ گڏيل مستقبل تعمير ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وقت سر قرضن ۾ ريليف، مناسب ڊگهي مدي واري مالياتي مدد ۽ عالمي مالياتي ادارن ۾ وڌيڪ اثرائي آواز جي سخت ضرورت آهي، ترقي تي به سلامتي جيترو ئي فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ڇا اهو ظلم نه آهي ته پاڪستان عالمي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهي ٿو پر ان جي باوجود بار بار موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کي منهن ڏي ٿو؟ ترقي يافته ملڪن کي گهرجي ته اهي پنهنجي موسمياتي مالياتي مدد جي واعدن کي وڌيڪ دير کانسواءِ پورو ڪن، نقصان ۽ تباهي جي ازالي جي لاءِ مالي مدد تيزي سان فراهم ڪن ۽ هڪ جهڙائي ۽ لچڪ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون يقيني بڻائين. وزيراعظم چيو ته هن اجلاس جو موضوع اسان کان اعتماد بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو پر اعتماد رڳو لفظن سان بحال نه ٿو ڪري سگهجي، اعتماد عمل ۽ رويي جي ذريعي حاصل ڪرڻو پوي ٿو، اعتماد ان وقت بحال ٿيندو جڏهن درياءَ تڪرارن جي فالٽ لائينز نه پر تعاون جي لائيف لائينز بڻجي وڃن، اعتماد ان وقت بحال ٿيندو جڏهن اهي جن موسمياتي بحران کي هوا ڏني، انهن جو تحفظ ڪندا جيڪي ان جي تباهي آڻيندڙ نتيجن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن ۽ سڀ کان وڌي ڪري اعتماد ان وقت بحال ٿيندو جڏهن بندوقون خاموش ٿينديون ۽ انهن جي جڳهه تي هٿ ملائڻ، گلي لڳائڻ ۽ مسڪراهٽن جي مٽاسٽا ٿيندي. وزيراعظم چيو ته “يو اين 80 قدم” کي گڏيل قومن کي وڌيڪ مضبوط، ٺوس ۽ موثر بڻائڻ گهرجي، سلامتي ڪائونسل کي وڌيڪ نمائنده، جمهوري ۽ جوابده بڻجڻ گهرجي، سڌارا ڪجهه جي مفادن جا نه پر ميمبر ملڪن جي وڏي اڪثريت جي مفادن ۽ امنگن جا عڪاس هجڻ گهرجن، اسان جو نصب العين بدستور اهو آهي “سڀني جي لاءِ سڌارا، ڪنهن جي لاءِ استحقاق نه آهي.” وزيراعظم محمد شهباز شريف خليل الرحمان کي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان کيس پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياري ٿو. هن انالينا بيئربوڪ جا پڻ 80هين اجلاس جي موثر قيادت تي ٿورا ادا ڪيا جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي سندس متحرڪ قيادت ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي ڏکڻ خاص طور تي پيڙهيل ۽ غريب طبقي جي لاءِ مضبوط آواز بڻجڻ تي پاڪستان پاران دلي خراج تحسين پيش ڪيو.







