اسلام آباد -25 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل واعدا عوام ۽ ڪميونٽيز لاءِ ٺوس ۽ عملي نتيجن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ امپليمينٽيشن برج جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطح جي تقريب کي خطاب ڪندي …
موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل واعدن کي ٺوس ۽ عملي نتيجن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي: ناڻي واري وفاقي وزير جو خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد -25 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل واعدا عوام ۽ ڪميونٽيز لاءِ ٺوس ۽ عملي نتيجن ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن. اها ڳالهه هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ امپليمينٽيشن برج جي حوالي سان منعقد اعليٰ سطح جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. ناڻي واري وزير موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل وعدن تي موثر عملدرآمد لاءِ ٽن بنيادي گهرجن جي نشاندهي ڪئي، جن ۾ مضبوط پاليسي فريم ورڪ، مالي وسيلن تائين رسائي ۽ ملڪي سطح تي منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ جي صلاحيت شامل آهي. هن موسمياتي پاليسي جي حوالي سان پاڪستان جي اڳڀرائي ۽ ملڪي وسيلن، عالمي مالياتي ادارن، ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ موسمياتي فنڊن ذريعي مالي وسيلا سرگرم ڪرڻ جي ڪوششن تي به روشني وڌي. ناڻي واري وزير چيو ته اداراجاتي ويڇا ۽ سيڙپڪاري ۽ مالي سهڪار حاصل ڪرڻ جي قابل منصوبن جي گهٽتائي بدستور موثر عملدرآمد ۾ رڪاوٽ آهن. پاڪستان ۾ سال 2022ع ۾ آيل ٻوڏ جو حوالو ڏيندي هن چيو ته عالمي سهڪار جي وعدن باوجود مناسب منصوبن جي عدم موجودگي سبب ڪجهه مالي وسيلا استعمال نٿا ٿي سگهن. وفاقي ناڻي واري وزير برج ۾ پاڪستان جي شرڪت جي آجيان ڪندي شراڪتدارن تي زور ڀريو ته اهڙن عملي فيصلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪن جيڪي انهن قدمن کي رڳو ڳالهين کان اڳتي وڌائي عملي قدمن طرف کڻي وڃن.











