اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران ساليانو بنياد تي 12.55 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ ۽ پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري مطابق جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 1.604 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي …
پاڪ آمريڪا واپاري ڳاڻيٽي ۾ پهرين 2 مهينن دوران ساليانو بنيادن تي 12.55 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي: اسٽيٽ بينڪ ۽ ڳڻپ وارو ادارو

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران ساليانو بنياد تي 12.55 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بينڪ ۽ پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري مطابق جاري مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو 1.604 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1.425 ارب ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 12.55 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق جولاءِ کان آگسٽ 2026ع دوران آمريڪا ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 1.118 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ آمريڪا ڏانهن پاڪستاني روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 1.112 ارب ڊالرز هو. آگسٽ 2026ع دوران آمريڪا ڏانهن پاڪستاني روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 523.67 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو ، جيڪو جولاءِ ۾ 595.22 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 496.47 ملين ڊالرز هو. گذريل مالي سال 26-2025ع دوران آمريڪا ڏانهن پاڪستان جي مجموعي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 6.125 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن مطابق جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران آمريڪا کان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 486.75 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ 313.63 ملين ڊالرز هو. اهڙي طرح آمدني واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 55.20 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ٿيو. آگسٽ 2026ع دوران آمريڪا کان پاڪستان جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 160.29 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو جولاءِ ۾ 324.45 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 146.59 ملين ڊالرز هو. گذريل مالي سال دوران آمريڪا کان پاڪستان جي مجموعي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 3.265 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو.











