ملڪ ۾ ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ هلندڙ مالي سال دوران معمولي اضافو رڪارڊ

اسلام آباد -25 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ هلندڙ مالي سال دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران پام آئل ۽ سويا بين آئل جي مجموعي آمدني واپار تي 613.37 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان …

اسلام آباد -25 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ ڪچي تيل جي آمدني واپار ۾ هلندڙ مالي سال دوران معمولي اضافو رڪارڊ ٿيو آهي.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان جي انگن اکرن واري اداري مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن دوران پام آئل ۽ سويا بين آئل جي مجموعي آمدني واپار تي 613.37 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 609.55 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 0.63 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران پام آئل جي آمدني واپار تي 613.06 ملين ڊالرن جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو خرچ ٿيو. گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ پام آئل جي آمدني واپار تي 583.51 ملين ڊالرز خرچ ٿيا هئا.اهڙي طرح جائزي هيٺ مدي دوران پام آئل جي آمدني واپار ۾ 29.55 ملين ڊالرز جو اضافو رڪارڊ ٿيو. انگن اکرن مطابق آگسٽ 2026ع دوران پام آئل جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 209.76 ملين ڊالرز رڪارد ڪيو ويو جيڪو جولاءِ 2026ع ۾ 363.29 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ 153.53 ملين ڊالرز گهٽ آهي پر گذريل سال آگسٽ  جي 209.16 ملين ڊالرز جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال آگسٽ ۾ پام آئل جي آمدني واپار تي 0.60 ملين ڊالرز جو اضافو ٿيو. مالي سال 2026ع دوران پام آئل جي مجموعي واپار تي 3.570 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو هو. انگن اکرن مطابق هلندڙ سال 2026ع دوران پام آئل جي مجموعي آمدني واپار تي 3.570 ارب ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو هو. انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال جي پهرين 2 مهينن دوران سويابين آئل جي آمدني واپار تي 0.31 ملين ڊالرز جو مٽاسٽا وارو ناڻو خرچ ٿيو جڏهن ته گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ سويابين آئل جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 26.04 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. اهڙي طرح جائزي هيٺ مدي دوران سويابين آئل جي آمدني واپار ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ٿي.آگسٽ 2026ع دوران سويابين آئل جو آمدني واپار زيرو رهيو جڏهن ته جولاءِ 2026ع ۾ ان جي آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 0.31 ملين ڊالرز ۽ گذريل سال آگسٽ ۾ 12.30 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو. گذريل مالي سال دوران سويابين آئل جي مجموعي واپار جو ڳاڻيٽو 72.19 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو هو.