اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري خاص مهم پنجين ڏينهن به جاري رهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم جي پهرين چئن ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ 65 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام جي خاص مهم 21 کان 27 سيپٽمبر تائين …
ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري خاص مهم پنجين ڏينهن به جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام واري خاص مهم پنجين ڏينهن به جاري رهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) مطابق مهم جي پهرين چئن ڏينهن ۾ 2 ڪروڙ 65 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. ملڪ جي چونڊ ضلعن ۾ پوليو جي روڪٿام جي خاص مهم 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 10 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. مهم دوران 2 لک 73 هزار کان وڌيڪ پوليو ورڪرز گهر گهر وڃي ٻارن کي ڦڙا پيارڻ ۾ مصروف آهن. اين اي او سي مطابق پنجاب جي منتخب ضلعن ۾ اٽڪل 75 لک 11 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جي ڦڙا پياريا ويا آهن، سنڌ جي 30 ضلعن ۾ اٽڪل 90 لک 10 هزار ٻارن، خيبرپختونخوا جي 37 منتخب ضلعن ۾ 69 لک 20 هزار کان وڌيڪ، بلوچستان جي 32 ضلعن ۾ 20 لک 93 هزار کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. اهڙي طرح اسلام آباد ۾ 4 لک 41 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته گلگت بلتستان جي 2 منتخب ضلعن ۾ اٽڪل هڪ لک 40 هزار ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويا آهن. اين سي او سي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجن پنجن سالن جي عمر تائين جي هر ٻار کي پوليو روڪٿام مهم دوران ڦڙا لازمي پيارن ته جيئن ٻارن کي ان موذي مرض کان محفوظ رکي سگهجي.











