ڏکڻ آفريقا کي ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ جاندار ڪم بيڪ ڪنداسين: مچل مارش

جوهانسبرگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين ۽ ڪپتان مچل مارش چيو آهي ته ميزبان ڏکڻ آفريقا هٿان پهرين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ شڪست باوجود ٽيم جا حوصلا بلند آهن، هن چيو ته ميزبان ٽيم کي ٻي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ جاندار ڪم بيڪ ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق مچل مارش جو چوڻ هو ته سندس ٽيم پروٽيز ٽيم خلاف ٻي …

جوهانسبرگ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور اوپننگ بيٽسمين ۽ ڪپتان مچل مارش چيو آهي ته ميزبان ڏکڻ آفريقا هٿان پهرين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ ۾ شڪست باوجود ٽيم جا حوصلا بلند آهن، هن چيو ته ميزبان ٽيم کي ٻي ميچ ۾ شڪست ڏئي سيريز ۾ جاندار ڪم بيڪ ڪنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق مچل مارش جو چوڻ هو ته سندس ٽيم پروٽيز ٽيم خلاف ٻي ميچ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ڇڏي آهي. مچل مارش چيو ته ميزبان ٽيم پهرين ميچ ۾ سٺي راند پيش ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ٽيم کي ٻي ميچ ۾ ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو پوندو. ڪينگروز ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين ۽ ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پروٽيز خلاف ٻي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته هو مڪمل طور تي فٽ آهي.