پرنس رحيم آغا خان پنجين سان ملاقات ڪري خوشي ٿي:  وزيراعظم محمد شهباز شريف

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پرنس رحيم آغا خان پنجين سان ملاقات ڪري خوشي ٿي، ملاقات ۾ هن پنهنجي والد مرحوم آغا خان چوٿين جي پاڪستان جي ترقي ۽ سندس عوام جي ڀلائي لاءِ وڏين خدمتن جو ذڪر ڪيو. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، هن چيو ته ملاقات دوران، پرنس رحيم آغا خان سان خاص طور تي صحت …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پرنس رحيم آغا خان پنجين سان ملاقات ڪري خوشي ٿي، ملاقات ۾ هن پنهنجي والد مرحوم آغا خان چوٿين جي پاڪستان جي ترقي ۽ سندس عوام جي ڀلائي لاءِ وڏين خدمتن جو ذڪر ڪيو. جمعي ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾، هن چيو ته ملاقات دوران، پرنس رحيم آغا خان سان خاص طور تي صحت جي شعبي ۾ خدمتن، زراعت، ڳوٺاڻي ترقي، موسمياتي لچڪ ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي شعبن ۾ پنهنجي ڊگهي مدي واري ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته مُون پرنس رحيم آغا خان جي پاڪستان سان خدمت ۽ ڀائيواري جي هن شاندار ورثي کي اڳتي وڌائڻ جي عزم کي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو ۽ جلد ئي ساڻس ٻيهر ملڻ جو منتظر آهيان.