وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران لبنان جي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ورجائيندي، فوري طور تي جنگ جي خاتمي، جنگ بندي جي انتظامن جي سختي سان پاسداري، قبضي هيٺ لبناني علائقن مان اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان جي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ورجائيندي، فوري طور تي جنگ جي خاتمي، جنگ بندي جي انتظامن جي سختي سان پاسداري، قبضي هيٺ لبناني علائقن مان اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي لبناني وزيراعظم نواف سلام سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جو جائزو وٺندي پاڪستان ۽ لبنان جي وچ ۾ پُراڻن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. انهن وچ اوڀر ۽ خطي جي مجموعي صورتحال ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف لبنان جي خودمختياري، سياسي آزادي، اتحاد ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم جنگ جي فوري خاتمي، جنگ بندي جي انتظامن جي سختي سان پاسداري، قبضي هيٺ لبناني علائقن مان اسرائيلي فوجن جي مڪمل واپسي ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي مڪمل عملدرآمد تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاع ۽ ادارتي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن ۽ ٻين گهڻ طرفن فورمن تي جاري اهم گڏيل تعاون جو به ورجاءُ ڪيو.