نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنان سان ملاقات

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنان سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي …

نيويارڪ- 25 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جي موقعي تي سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنان سان ملاقات ڪئي. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، ٻنهي ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انهن اتفاق ڪيو ته مسلسل رابطا ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سنگاپور جي پرڏيهي وزير علائقائي چئلينجن کي منهن ڏين لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي وزيرن ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.