ملڪ ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ موجود بد عنواني جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن: مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزر سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ موجود بد عنواني جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جئين ڪنهن فائل کي روڪڻ، گُم ڪرڻ يا ڪنهن ماڻهو جي درخواست کي غير قانوني طور تي اڳتي وڌائڻ جا امڪان ختم ڪري …

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزر سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ موجود بد عنواني جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا پيا وڃن، حڪومت نظام کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جئين ڪنهن فائل کي روڪڻ، گُم ڪرڻ يا ڪنهن ماڻهو جي درخواست کي غير قانوني طور تي اڳتي وڌائڻ جا امڪان ختم ڪري سگهجن. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ڪراچي ڪوهي ڳوٺ ويمنز اسپتال جي نرسنگ ڪاليج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته صحت جو شعبو پاڪستان لاءِ قومي سلامتي ۽ قومي معاشي مسئلو آهي، اسان کي صحت جي شعبي ۾ پنهنجون ترجيحون درست ڪرڻيون پونديون. صحت جي نظام ۾ بد عنواني ۽ غير ضروري رڪاورٽن جو خاتمو ۽ نظام کي جديد رخن تي آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن جو بنيادي سبب وسيلن جي گهٽتائي نه پر نظام جي خرابي ۽ بد عنواني آهي. هن چيو ته جيڪڏهن جائز ڪم لاءِ به ماڻهن کي رشوت ۽ سفارش جو منهن ڏسڻو پوي ته اهو پوري نظام لاءِ فڪر جو لمحو آهي. هن چيو ته نرسنگ جي شعبي ۾ به سڌارن جو عمل جاري آهي، نرسنگ ڪائونسل جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ نئين نظام تحت نرسنگ ڪاليجز جي منظوري جي عمل کي شفاف بڻايو پيو وڃي. هن ٻڌايو ته نرسنگ ڪاليجز جي انسپيڪشن ۽ منظوري جي عمل ۾ بد عنواني جون شڪايتون سامهون اچڻ کانپوءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته جن ادارن رشوت يا غير قانوني طريقي سان منظوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته نرسنگ جي شعبي ۾ پاڪستان کي وڏي انگ ۾ تربيت يافته افرادي سگهه جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ نرسز جي گهٽتائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي به پاڪستاني تربيت يافته نرسز جي طلب موجود آهي. جيڪڏهن نرسنگ جي شعبي ۾ معياري تعليم ۽ تربيت فراهم ڪئي وڃي ته اهي انساني وسيلا پاڪستان لاءِ اهم معاشي اثاثو ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ساليانو اٽڪل 30 ارب ڊالر جو پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو پاڪستان موڪلين ٿا. جيڪڏهن پنهنجي انساني وسيلن کي اثرائتي انداز ۾ تربيت ڏئي عالمي مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق تيار ڪري ته صحت جي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي انساني ترقي، معاشي استحڪام ۽ قومي سلامتي سان ڳنڍڻ جي ضرورت آهي. هن ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان ۾ طبي مصنوعات جي رجسٽريشن جي نظام ۾ ڪيل سڌارن جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته ماضي ۾ اڪثر طبي مصنوعات جي رجسٽريشن ۾ ڊگهو وقت لڳندو هو، جڏهن ته هاڻي آن لائن نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ذريعي درخواست ڏيندڙ کي آفيس جا چڪر لڳائڻ يا ڪنهن آفيسر سان سڌي ريت رابطو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن ٻڌايو ته ڊجيٽل نظام ذريعي طبي مصنوعات جي رجسٽريشن جو عمل تيز ۽ شفاف بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي رجسٽريشن جو اٽڪل مدو 21 ڏينهن تائين اچي ويو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل نظام جو مقصد نه صرف موجوده وسيلن کي حل ڪرڻ آهي پر مستقبل ۾ به سفارش، رشوت ۽ غير ضروري مداخلت جي امڪانن کي ختم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته صحت جي نظام کي جديد، شفاف، ڊجيٽل ۽ عوام دوست بڻائڻ لاءِ سڌارن جو عمل جاري رکيو ويندو.

مزید خبریں