لاهور- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 20هين ايشين گيمز، آئچي - ناگويا 2026ع جي مينز ڪٻڏي جي پول بي جي ميچ ۾ ملائيشيا کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 22-65 جي واضح فرق تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني ٽيم، ميچ جي شروعات ۾ جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ مسلسل شاندار ريڊنگ ۽ مضبوط دفاع ذريعي ملائيشين ٽيم تي دٻاءُ برقرار رکيو. قومي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پوائنٽس …
ايشين گيمز ڪٻڏي ميچ ۾ پاڪستان ملائيشيا کي 22-65 جي واضح فرق تان شڪست ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
لاهور- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 20هين ايشين گيمز، آئچي – ناگويا 2026ع جي مينز ڪٻڏي جي پول بي جي ميچ ۾ ملائيشيا کي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ 22-65 جي واضح فرق تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستاني ٽيم، ميچ جي شروعات ۾ جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪيو ۽ مسلسل شاندار ريڊنگ ۽ مضبوط دفاع ذريعي ملائيشين ٽيم تي دٻاءُ برقرار رکيو. قومي رانديگرن بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پوائنٽس حاصل ڪيا ۽ مخالف ٽيم کي وڌيڪ موقعا فراهم نه ڪيا. ميچ دوران پاڪستان جي دفاعي حڪمت عملي به نمايان رهي، جڏهن ته ريڊرز اهم موقعن تي قيمتي پوائنٽس حاصل ڪري ٽيم جي برتري کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو. پاڪستان راند جي مختلف مرحلن ۾ پنهنجي برتري برقرار رکي ۽ آخر ڪار 43 پوائنٽس جي وڏي فرق سان ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي. ان ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ايشين گيمز 2026ع جي ڪٻڏي ايونٽ ۾ پنهنجي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ڪري ورتي آهي. قومي ٽيم طرفان ان شاندار ڪارڪردگي تي شائقين ۾ به خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ ٽيم کان ايندڙ مقابلن ۾ به شاندار ڪارڪردگي جي توقع ڪئي پئي وڃي.










