پاڪستان روانڊا بزنس فورم 23 سيپٽمبر کان گيگالي ۾ شروع ٿيندو

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) آفريقي خطي سان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ روانڊا - پاڪستان بزنس اينڊ انويسٽمنٽ فورم 23 کان 25 سيپٽمبر تائين روانڊا جي گادي واري شهر گيگالي ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان آفريقا اڪنامڪ ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ سفير حميد اصغر خان جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد گيگالي ۾ روانڊا جي سرڪاري اختيارين ۽ چيمبرز جي ڪاروباري نمائندن …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) آفريقي خطي سان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ روانڊا – پاڪستان بزنس اينڊ انويسٽمنٽ فورم 23 کان 25 سيپٽمبر تائين روانڊا جي گادي واري شهر گيگالي ۾ منعقد ٿيندو. پاڪستان آفريقا اڪنامڪ ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ سفير حميد اصغر خان جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد گيگالي ۾ روانڊا جي سرڪاري اختيارين ۽ چيمبرز جي ڪاروباري نمائندن سان اهم ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ گڏيل منصوبن، واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافي ۽ گڏيل سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان فورم ۾ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبن ۾ حصيداري جا موقعا غور هيٺ آندا ويندا، جنهن سان ٻنهي ملڪن ۾ معاشي تعاون کي نئين وسعت ملڻ جو امڪان آهي. 

مزید خبریں