سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2700 رپين جي گهٽتائي، في تولو سون 4 لک 57 هزار 536 رپين جو ٿي ويو

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 700 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 5 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2315 رپين …

اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 2700 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 57 هزار 536 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سومر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 2 هزار 700 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 57 هزار 5 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2315 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 94 هزار 578 رپين مان گهٽجي 3 لک 92 هزار 263 رپيا ٿي وئي. 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 61 هزار 709 رپين مان گهٽجي 3 لک 59 هزار 587 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن مطابق في تولو ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي ترتيب وار 7100 رپيا ۽ 6087 رپين تي برقرار رهي.

مزید خبریں