سنڌ جي وڏي وزير گلستانِ جوهر ۾ روٽري ڪلب ڪميونٽي سينٽر ۾ پوليو خلاف هڪ هفتي واري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ 7 ڏينهن واري قومي مهم شروع ٿي وئي آهي، جنهن دوران صوبي جي 30 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي اٽڪل هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو وائرس جي …

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ 7 ڏينهن واري قومي مهم شروع ٿي وئي آهي، جنهن دوران صوبي جي 30 ضلعن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي اٽڪل هڪ ڪروڙ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ اهم اڳڀرائي باوجود جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، هر ٻار تائين ويڪسين پهچائڻ ئي پوليو خلاف مهم جي ڪاميابي جي ضمانت آهي. اهڙو اظهار هن گلستانِ جوهر ۾ روٽري ڪلب ڪميونٽي سينٽر ۾ پوليو خلاف هڪ هفتي واري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته مهم 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران 80 هزار کان وڌيڪ تربيت يافته پوليو ورڪر ۽ سپروائيزر گهر گهر وڃي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته دنيا پوليو جي مڪمل خاتمي جي اڳ کان وڌيڪ ويجهو پهچي چڪي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا واحد ٻه ملڪ آهن، جتي پوليو وائرس اڃا گردش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان هڪ سجاول ۽ 3 خيبر پختونخوا ۾ سامهون آيا آهن، جڏهن ته افغانستان ۾ 29 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پوليو خلاف گڏيل ڪوششن سان نمايان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ جنوري 2026ع کان پوليو وائرس جي مثبت ماحولياتي نگراني وارن هنڌن جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. آگسٽ ۾ مثبت ماحولياتي نمونن جي شرح 62 سيڪڙو مان گهٽجي 20 سيڪڙو ٿي وئي. هن چيو ته پوليو خلاف جنگ ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت جي گنجائش ناهي، ڇاڪاڻ ته ويڪسين کان محروم رهجي ويندڙ هر ٻار وائرس جي پکڙجڻ جو موقعو پيدا ڪري ٿو. سيد مراد علي شاهه والدين کي اپيل ڪئي ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ حڪومت، صحت کاتي، والدين، عالمن، استادن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پوليو مهم دوران سنڌ جي 23 ضلعن ۾ مڪمل ۽ 7 ضلعن ۾ جزوي ڪوريج فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته مهم جي سيڪيورٽي لاءِ 26 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ 2300 عورت پوليس اهلڪار مقرر ڪيون وينديون. تقريب ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، صحت کاتي جي سيڪريٽري طاهر سانگي، پوليو پروگرام جي انچارج شهريار گل ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون.

مزید خبریں