شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هو عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال هو: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 30هين ورسيءَ تي کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هو عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال هو. سيد مراد علي شاهه چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون …

ڪراچي- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 30هين ورسيءَ تي کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا، هو عزم ۽ حوصلي جو روشن مثال هو. سيد مراد علي شاهه چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد ۽ قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جمهوري جدوجهد ۾ قرباني جو لازوال مثال قائم ڪيو. هن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي زندگي جدوجهد، عزم ۽ اصولن جي داستان هئي، هن اصولن جي سياست تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيو. وڏي وزير چيو ته آمريت خلاف مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد عزم ۽ حوصلي جو مثال هئي، هو پنهنجي ماڻهن جي حقن ۽ جمهوريت لاءِ آواز بلند ڪندو رهيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام سان محبت ۽ اصولن تي ثابت قدمي مير مرتضيٰ ڀٽو جي سڃاڻپ هئي، جڏهن ته عوام جي حقن لاءِ جدوجهد سندس سياسي زندگي جو محور رهي.

مزید خبریں