يورپي يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ 6 ڪروڙ 50 لک يورو جي مالي معاونت جي معاهدي تي صحيحُون

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ يورپي يونين مجموعي طور تي 6 ڪروڙ 50 لک يورو، اٽڪل 20 ارب 64 ڪروڙ روپين جي مالي معاونت جي 3 معاهدن تي صحيحي ڪئي آهي. انهن معاهدن تحت پاڪستان لاءِ گلوبل گيٽ وي ترقياتي سهولت، ڪي پي ڪي ۾ توانائي ۽ قدرتي ماحول جي پائيداري ۽ پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ ڪاروباري ماحول لاءِ يورپي يونين جي …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ يورپي يونين مجموعي طور تي 6 ڪروڙ 50 لک يورو، اٽڪل 20 ارب 64 ڪروڙ روپين جي مالي معاونت جي 3 معاهدن تي صحيحي ڪئي آهي. انهن معاهدن تحت پاڪستان لاءِ گلوبل گيٽ وي ترقياتي سهولت، ڪي پي ڪي ۾ توانائي ۽ قدرتي ماحول جي پائيداري ۽ پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ ڪاروباري ماحول لاءِ يورپي يونين جي مدد جي عنوان سان 3 پروگرام شروع ڪيا ويندا. اهو تعاون پاڪستان ۽ يورپي يونين جي اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ ترقي ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي هٿي ڏيڻ بابت گڏيل عزم کي عملي جامو پارائيندو. اقتصادي معاملن واري ڊويزن طرفان جاري بيان مطابق معاهدن تي پاڪستان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفري ريمونڊاس ڪروبليس ۽ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم صحيحي ڪئي. يورپي يونين جو گهڻن سالن وارو اهو پروگرام 2021ع کان 2027ع تحت مالي معاونت سان شروع ڪيل انهن قدمن ۾ پاڪستان جي ترقي جي 3 اهم پهلوئن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پاڪستان لاءِ گلوبل گيٽ وي ترقياتي سهولت:  سيڙپڪاري جي انتظام ۽ ماحولياتي ماحول جي بهتري جي منصوبي جو مقصد ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ حڪومت جي ڊگهي مدي واري منصوبابندي کي مضبوط بڻائي پاڪستان ۾ وڌيڪ پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. ڪي پي ڪي ۾ توانائي ۽ قدرتي ماحول جي پائيداري پروگرام تحت بجلي جي قومي گرڊ سان نه ڳنڍجندڙ ٻهراڙي آبادين ۾  تجديد جوڳي توانائي جو دائرو وسيع ڪيوو يندو. پروگرام تحت نجي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽  ڪي پي ڪي جي توانائي شعبي ۾ نجي شعبي جي شرڪت وڌائڻ لاءِ تربيت به فراهم ڪئي ويندي. يورپي يونين جي اڳوڻي معاونت کي اڳتي وڌائيندي پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ ڪاروباري ماحول لاءِ يورپي يونين جي معاونت پروگرام تحت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ شهرين جي پوليس، استغاثه، عدالتن ۽ قانوني معاونت تائين پهچ وڌيڪ بهتر بڻائي ويندي. اهو پروگرام پنجاب ۽ سنڌ ۾ قانوني ڪيسن جي پيروي لاءِ متبادل ۽ واپاري تڪرارن جي حل جي طريقيڪار جي وسيع استعمال ۾ به مدد فراهم ڪندو ته جيئن يورپي ۽ ٻين غير ملڪي ڪمپنين جي انهن صوبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ دلچسپي وڌائي سگهجي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم يورپي يونين جي مسلسل معاونت ۽ شراڪتداري کي ساراهيو. هن انهن قدمن کي وقت سر قرار ڏيندي چيو ته اهو پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري وڌائڻ، ڪي پي ڪي جي آف گرڊ ٻهراڙي علائقن تائين بجلي جي پهچ بهتر بڻائڻ، قانون جي حڪمراني جي معيار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۽ واپاري تڪرارن جي حل جي نظام کي ترقي ڏيڻ جي قومي هدفن سان پوري طرح هم آهنگ آهي. سفير وڌيڪ چيو ته عدليه، قانوني ماهر، يونيورسٽيون ۽ ڪاروباري برادري سان ڀائيواري ذريعي پنجاب ۽ سنڌ ۾ متبادل ۽ واپاري تڪرارن جي حل جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ به معاونت فراهم ڪئي ويندي.