اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پائيدار امن لاءِ ڳالهيون، برداشت، گڏيل احترام ۽ قانون جي حڪمراني ضروري آهي، تڪرارن ۽ اختلافن جو حل طاقت بدران ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان ڳولهڻ گهرجي. امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته امن صرف جنگ جي خاتمي جو نالو ناهي …
پائيدار امن لاءِ ڳالهيون، برداشت، گڏيل احترام ۽ قانون جي حڪمراني ضروري آهي: اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته پائيدار امن لاءِ ڳالهيون، برداشت، گڏيل احترام ۽ قانون جي حڪمراني ضروري آهي، تڪرارن ۽ اختلافن جو حل طاقت بدران ڳالهين ۽ پرامن ذريعن سان ڳولهڻ گهرجي. امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته امن صرف جنگ جي خاتمي جو نالو ناهي پر انصاف، برابر حقن، تحفظ ۽ انساني وقار به امن جا بنياد آهن. هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ موثر انصاف جو نظام، پائيدار امن لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ امن لاءِ وڏي انساني ۽ معاشي قيمت ادا ڪئي آهي. پيچيده عالمي تڪرارن جي حل لاءِ عالمي تعاون، گڏيل اعتماد ۽ تعميري ڳالهيون اڻٽر آهن. هن چيو ته اختلاف راءِ کي ٽڪراءَ بدران ڳالهين ۽ دليلن ذريعي حل ڪرڻ مهذب معاشرن جي سڃاڻپ آهي. پاڪستان عالمي امن، عالمي قانون ۽ گهڻ رخي تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو. هن چيو ته امن، برداشت ۽ گڏيل احترام کي هٿي وٺائڻ ۾ معاشري جي هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. امن جو عالمي ڏينهن اسان کي امن لاءِ عملي قدمن ۽ تعاون جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو.











