صحت واري وفاقي وزير پاران پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پريسن عائشه رضا فاروق سان گڏ ذيلي قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي)  قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان گڏجي ذيلي قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي فوڪل پرسن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. اها مهم سڄي ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي)  قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال پوليو جي خاتمي بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق سان گڏجي ذيلي قومي پوليو جي خاتمي واري مهم جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي فوڪل پرسن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا. اها مهم سڄي ملڪ جي 115 چونڊ ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي، جنهن دوران اٽڪل 3 ڪروڙ 10 لکن جي پنج سال کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت وزيراعظم جي قيادت ۾  ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي.  پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ موثر ۽ مربوط قومي رد عمل کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيوو ڃي. هن چيو ته حڪومت هر ٻار تائين پوليو ويڪسين جي وقت سر پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. هن والدين تي زور ڀريو ته هو پنهنجي پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا ضرور پيارين ۽ پوليو جي خاتمي جي قومي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.