پرائيويٽ حج اسڪيم جي پاڪ حج ايپ ذريعي 17 هزار کان وڌيڪ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي بڪنگ مڪمل ٿي وئي

اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي)  پرائيويٽ حج اسڪيم جي پاڪ حج ايپ ذريعي 17 هزار کان وڌيڪ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي بڪنگ مڪمل ٿي وئي آهي، پرائيويٽ حج اسڪيم جي بڪنگ 20 نومبر تائين جاري رهندي، مذهبي معاملن واري ترجمان مطابق نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي ڊجيٽل حج پورٽل ذريعي 14 ارب روپيا تجويز ڪيل ڪمپنين جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. 6 ارب روپيا ون …

اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي)  پرائيويٽ حج اسڪيم جي پاڪ حج ايپ ذريعي 17 هزار کان وڌيڪ پرائيويٽ حج پانڌيئڙن جي بڪنگ مڪمل ٿي وئي آهي، پرائيويٽ حج اسڪيم جي بڪنگ 20 نومبر تائين جاري رهندي، مذهبي معاملن واري ترجمان مطابق نيشنل آءِ ٽي بورڊ جي ڊجيٽل حج پورٽل ذريعي 14 ارب روپيا تجويز ڪيل ڪمپنين جي اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا آهن. 6 ارب روپيا ون لنڪ ۽ بئنڪ ڪارڊز ذريعي آن لائين جمع ٿيا. هن چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم ۾ 54 هزار سيٽون اڃا به موجود آهن. پرائيويٽ اسڪيم تحت حج جا خواهشمند ماڻهو گهر ويٺي پاڪ حج ايپ ذريعي پنهنجي پسند جي پئڪيج جي چونڊ ڪري سگهن ٿا. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان ڪنهن فرد يا ڪمپني کي سڌي ريت ادائگي منع ٿيل آهي، پاڪ حج ايپ کان سواءِ ٻين ذريعن سان ادائگي تي فراڊ جي صورت ۾ وزارت ذميوار نه هوندي، حج پورٽل ذريعي پرائيويٽ حج اسڪيم جي بڪنگ جي ڊيڊ لائين 20 نومبر مقرر آهي.