اسلام آباد - 21 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن بينظير سپورٽ پروگرام سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته امن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي دنيا ۾ امن، برداشت، ڳالهين ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو، پائيدار امن لاءِ جنگ ۽ تڪرارن بدران ڳالهين، سفارتڪاري جي رستي کي هٿي وٺائي ويندي. عالمي امن جي ڏهاڙي جي جاري …
امن جو عالمي ڏينهن برداشت، ڳالهي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو: سينيٽر روبينه خالد

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن بينظير سپورٽ پروگرام سينيٽر روبينه خالد چيو آهي، ته امن جو عالمي ڏهاڙو اسان کي دنيا ۾ امن، برداشت، ڳالهين ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو، پائيدار امن لاءِ جنگ ۽ تڪرارن بدران ڳالهين، سفارتڪاري جي رستي کي هٿي وٺائي ويندي. عالمي امن جي ڏهاڙي جي جاري پنهنجي پيغام ۾ سينيٽر روبينه خالد چيو ته امن صرف جنگ جي خاتمي جو نالو ناهي، پر انصاف، برابري، انساني وقار ۽ محفوظ معاشري جي قيام جو نالو آهي. هن چيو ته دنيا جي مختلف خطن ۾ جاري تڪرارن سبب سڀ کان وڌيڪ عام شهري، عورتون ۽ ٻار متاثر ٿين ٿا. عالمي برادري تڪرارن جي پرامن حل ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته غربت، بک، محرومي ۽ اڻ برابري جو خاتمو پائيدار امن جي قيام لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. سماجي تحفظ،تعليم، صحت ۽ روزگار ۾ سيڙپڪاري به امن جي قيام جو بنياد مضبوط ڪري ٿي. هن چيو ته امن جي عالمي ڏهاڙي تي عهد ڪيون ٿا ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن لاءِ تحفظ، عزت ۽ برابر جي موقعن کي هٿي وٺائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. پرامن دنيا جي تعمير حڪومتن سان گڏوگڏ معاشري جي هر فرد جي گڏيل ذميواري آهي. اڄ دنيا کي جنگين بدران امن، نفرت بدران محبت ۽ تڪرارن بدران ڳالهين جي ضرورت آهي.











