اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن جاري رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 79 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 16 هزار 100 ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي …
واپڊا پاران دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 21 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن جاري رپورٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 79 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 25 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ ترتيبوار 16 هزار 100 ڪيوسڪ، خير آباد پل وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ هڪ لک 12 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 13 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 23 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 07 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي موجوده سطح 1536.55 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 4.814 ملين ايڪڙ فٽ آهي. منگلا جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1218.15 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.454 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.، جڏهن ته چشمه جو آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 644.80 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.135 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











