اسلام آباد _14 سيٽمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سهيل آفريدي کي خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ طور چونڊجڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي صوبائي حڪومت سهيل آفريدي ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي آڪٽوبر جي ٻي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سومر ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ …
وفاقي آئيني عدالت سهيل آفريدي جي خيبرپختونخوا جي وزيراعلى طور چونڊڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، ڌرين کي نوٽيس جاري

مزید خبریں
اسلام آباد _14 سيٽمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت سهيل آفريدي کي خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ طور چونڊجڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي صوبائي حڪومت سهيل آفريدي ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي آڪٽوبر جي ٻي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سومر ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس علي باقر نجفي شامل هئا. درخواست شير افضل مروت داخل ڪئي آهي جنهن ۾ سهيل آفريدي جي بطور وزيراعلى چونڊڻ کي ڪالعدم ڪرار ڏيڻ ۽ علي امين گنڊا پور کي بطور وزيراعلى بحال ڪرڻ جي گذارش ڪئي وئي آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ان ڪيس ۾ آئيني نڪتو ڇا آهي، شير افضل مروت موقف اختيار ڪيو ته آئين مطابق ڪو عوامي عهديدار رضاڪاراڻي طورتي ئي استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو. علي امين گنڊا پور پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو هو ته هو باني پي ٽي آءِ جي هدايت تي استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته گورنر ان موقعي تي علي امين گنڊا پور جي استعيفيٰ منظور نه ڪئي هئي. ٻن ڏينهن بعد هڪ ٻي استعيفيٰ ڏني وئي پر گورنر پاران ان کي به شايد منظور نه ڪيو ويو. شير افضل مروت چيو ته گورنر طرفان استيعفيٰ منظور ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن وزيراعليٰ کي عهدي تان ڊي نوٽيفائي ڪري سگهجي. درخواستگزار موقف اختيار ڪيو ته جڏهن باني پي ٽي آءِ، علي امين گنڊا پور کي استعيفيٰ ڏيڻ جي هدايت ڪئي ته هو نااهل هو. شير افضل مروت چيو ته علي امين گنڊا پور رضاڪاراڻي طورتي وزارت اعليٰ تان استعيفيٰ نه ڏني پر سزايافته باني پي ٽي ءِ جي چوڻ تي استعيفيٰ ورتي وئي.











