پاڪ فوج پاران سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اعليٰ ۽ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون

اسلام آباد - 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج  سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اعليٰ ۽ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي جديد تعليم، ڪردار سازي ۽ بهترين موقعن جي فراهمي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد جو افتتاح ڪيو. چيئرمين بورڊ آف گورنرز  جي او سي پنو عاقل گيريزن ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد جو افتتاح ڪيو. شاندار افتتاحي تقريب ۾ …

اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج  سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ اعليٰ ۽ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. سنڌ جي نوجوان نسل کي جديد تعليم، ڪردار سازي ۽ بهترين موقعن جي فراهمي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد جو افتتاح ڪيو. چيئرمين بورڊ آف گورنرز  جي او سي پنو عاقل گيريزن ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد جو افتتاح ڪيو. شاندار افتتاحي تقريب ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ۽ مشور تعليمي شخصيتن ڀرپور شرڪت ڪئي. اداري ۾ شاگردن لاءِ سائنسي ۽ فني گهرجن سان هم آهنگ جديد ڪلاس رومز، ڪمپيوٽر ليبز ۽ ٻيون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. تعليمي سيشن 15 سيپٽمبر 2026ع کان شروع ٿيندو جنهن ۾ شروعاتي طور تي ڪلاس ڇهين ۽ ستين جي 120 ڪيڊٽس کي داخلا ڏني ويندي. واضح رهي ته ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد  جي تعمير 2023ع ۾ شروع ٿي جنهن کي پاڪ فوج ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان فعال ڪيو ويو آهي. ڪيڊٽ ڪاليج جيڪب آباد سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ نوجوانن کي جديد تعليم ۽ بهترين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي آهي.

مزید خبریں