راولپنڊي - 29 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) هلال جرائت واه ۾ قائم پاڪستان جي سڀ کان وڏي دفاعي صنعتي ڪامپليڪس، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري (پي او ايف) جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب پنهنجي دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز پي او ايف جي پيداواري، روانگي …
چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير پاران پاڪستان جي سڀ کان وڌي دفاعي صنعتي ڪامپليڪس، پاڪستان آرڊيننس سيڪٽري واه جو دورو

مزید خبریں
راولپنڊي – 29 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري) هلال جرائت واه ۾ قائم پاڪستان جي سڀ کان وڏي دفاعي صنعتي ڪامپليڪس، پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري (پي او ايف) جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب پنهنجي دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز پي او ايف جي پيداواري، روانگي واپار جي صلاحيت ۽ ملڪ جي دفاع ۾ صنعت جي ڪردار جي شراڪت جو جائزو ورتو. ان موقعي تي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي پي او ايف جي آپريشنز جي مختلف رخن ۽ مختلف قسم جي فوجي سازو سامان جي مقامي سطح تي ترقي ۽ پيداوار ذريعي قومي دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن مقامي طور تي تيار ڪيل هٿيار ۽ بارودي مواد جي ٽيسٽ ۽ ٽرائلز جو به مشاهدو ڪيو. آرمي چيف پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي جدت، پاڻڀرو ۽ پاڪستان جي دفاعي پيداواري صلاحيتن ۾ اضافي جي عزم کي به اجاگر ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي ڊي آءِ پي آر اي آرڊيننس جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڪارپوريٽائيزيشن جي عمل جي اڳڀرائي جي حوالي سان به آگاهه ڪيو. فيلڊ مارشل کي ٻه نوان صنعتي پلانٽس لڳائڻ ذريعي مقامي سطح تي مصنوعات جي تياري ۽ اپگريڊيشن ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو ويو. جن جي پيداوار هلندڙ سال جي آخر تائين شروع ٿيڻ جي اميد آهي. آءِ ايس پي آر چيو آهي، ته چيف آف ڊفينس فورسز جو اهو دورو پاڪستان جي دفاعي شعبي ۾ پاڻڀرو ٿيڻ، مقامي پيداوار ۽ فني جدت کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان پاڪ فوج جي عزم کي اجاگر ڪري ٿو.










