اسلام آباد/ ڪراچي - 29 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جي قيادت سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جن ۾ ملڪ جي توانائي سلامتي، پيٽروليم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، سپلاءِ چين جي استحڪام ۽ جاري سڌارن تي خيالن جي تفصيلي ڏيٺ ڪئي. او آءِ سي …
پيٽروليم شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ توانائي تحفظ کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ ڪاروباري براري ۾ صلاح مشورو

مزید خبریں
اسلام آباد/ ڪراچي – 29 آگسٽ (اي پي پي) پيٽروليم بابت وفاقي وزير علي پرويز ملڪ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل (پي ايس او) جي قيادت سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جن ۾ ملڪ جي توانائي سلامتي، پيٽروليم شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، سپلاءِ چين جي استحڪام ۽ جاري سڌارن تي خيالن جي تفصيلي ڏيٺ ڪئي. او آءِ سي سي آءِ جي دوري دوران وفاقي وزير چيمبر جي سينئر قيادت، صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ ميڊيا جي نمائندن به شرڪت ڪئي ۽ پيٽروليم شعبي ۾ جاري اڳڀرائي، سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن تي ڳالهيون ڪيون. ان موقعي تي وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن کي حڪومت پاران تيل ۽ گيس جي ڳولها، ريفائنري جي بنيادي ڍانچي جي جديدڪاري ۽پيٽروليم شعبي ۾ سڌارن لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن توانائي جي تحفظ لاءِ بانڊڊ اسٽوريج ۽ اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن جي منصوبن کي به اجاگر ڪيو. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جو مقصد اهڙو پيٽروليم شعبو قائم ڪرڻ آهي جيڪو وڌيڪ چٽاڀيٽي، سيرپڪاري دوست ۽ ملڪ جي ڊگهي مدي واري توانائي ضرورتن سان هم آهنگ هجي. حڪومت ايڪسپلوريشن، ريفئاننگ ۽ ڊائون اسٽريم مارڪيٽس ۾ سڌارن لاءِ کقدم کڻي رهي آهي جڏهن ته صنعت سان لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ذريعي عملي طور مسئلا حل ۽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ مناسب ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي او آءِ سي سي آءِ جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ قابل ڪاروباري ۽ ريگوليٽري ماحول جي اهميت تي زور ڀريو. ٻئي پاسي پيٽروليم بابت وفاقي وزير ڪراچي ۾ پي ايس او هائوس جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي انتظاميه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي توانائي سلامتي، سپلاءِ چين جي استحڪام، اسٽريٽجڪ اسٽوريج ۾ توسيع ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. ملڪ ۾ ٻارڻ جي سپلاءِ جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ ۽ پيٽروليم سپلاءِ چين جي صلاحيت ۽ پائيداري بهتر بڻائڻ جا قدم به بحث هيٺ آيا. علي پرويز ملڪ پيٽروليم شعبي جي جديدڪاري ۽ توانانيئ سلامتي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي حوالي سان حڪمت جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اسٽريٽجڪ اسٽوريج جي صلاحيت وڌائڻ، سپلاءِ چين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڪارڪردگي ۽ وقت سر رد عمل بهتر بڻائڻ لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ضرورت تي به زور ڀريو.










