اسلام آباد - 29 آگسٽ (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال وفاق جي انتظام هيٺ سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ فوري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب مصطفيٰ ڪمال جي هدايتن تي صحت واري وزارت ان حوالي سان خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو آهي ته فائر سيفٽي آڊٽ مجاز ۽ ماهر فائر سيفٽي ڪمپني …
صحت بابت وفاقي وزير پاران وفاق جي انتظام هيٺ سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ فوري شروع ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) صحت بابت وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال وفاق جي انتظام هيٺ سمورن سرڪاري اسپتالن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ فوري شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. صحت واري وزارت جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب مصطفيٰ ڪمال جي هدايتن تي صحت واري وزارت ان حوالي سان خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو آهي ته فائر سيفٽي آڊٽ مجاز ۽ ماهر فائر سيفٽي ڪمپني ذريعي جامع طور تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته آڊٽ ۾ فائر الارم، فائر فائيٽنگ اوزار، ايمرجنسي ايگزٽ ۽ نڪرڻ جي رستن جو جائزو ورتو ويندو. ٻئي پاسي اسپتالن ۾ بجلي، ٻين امڪاني فائر هيزرڊز، ايمرجنسي رسپانس ۽ عملي جي تياري جو به جائزو ورتو ويندو. فائر سيفٽي آڊٽ ۾ سامهون ايندڙ جان ۽ مال کي فوري طور خطري ۾ وجهندڙ خامين جو ترجيحي بنيادن تي ازالو ڪيو ويندو. ترجمان چيو ته سمورين اسپتالن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته آڊٽ جي شروعات، لاڳاپيل ڪمپني جي نالي ۽ پڄاڻي جي متوقع تاريخ کان صحت واري وزارت کي فوري طور آگاهه ڪيو وڃي. اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري ۽ نجي صحت ادارن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ شروع ڪئي وڃي ۽ ان جي تصديق به ڪئي وڃي. ترجمان چيو آهي، ته آڊٽ مڪمل ٿيڻ تي جامع رپورٽ صحت واري وزارت کي پيش ڪئي وڃي، رپورٽ ۾ آڊٽ شروع ڪندڙ ادارن ۽ التويٰ هيٺ ادارن جي نشاندهي ڪئي وڃي.










