ايس آءِ ايف سي جي سهولتڪاري سان پنڪ سالٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي موقعن ۾ اضافو

اسلام آباد - 29 آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سهولتڪاري سان پنڪ سالٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان پنهنجي وسيع پنڪ سالٽ ذخيرن ذريعي عالمي مارڪيٽ ۾ روانگي واپار جي صلاحيت کي هٿي ڏئي رهيو آهي. وڙڇ، ڪالاباغ۽ قائد آباد ۾ موجود وسيع ذخيرا پاڪستان کي پنڪ سالٽ جي عالمي مارڪيٽ ۾ اهم مقام ڏئي رهيا آهن، …

اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سهولتڪاري سان پنڪ سالٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي موقعن ۾ اضافو ٿيو آهي. پاڪستان پنهنجي وسيع پنڪ سالٽ ذخيرن ذريعي عالمي مارڪيٽ ۾ روانگي واپار جي صلاحيت کي هٿي ڏئي رهيو آهي. وڙڇ، ڪالاباغ۽ قائد آباد ۾ موجود وسيع ذخيرا پاڪستان کي پنڪ سالٽ جي عالمي مارڪيٽ ۾ اهم مقام ڏئي رهيا آهن، انهن ذخيرن عيوض پاڪستان سڄي دنيا جي هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ آمدني واپار ڪندڙن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پاڪستان پنڪ سالٽ جي پروسيسنگ، گريڊنگ، معيار برقرار رکڻ ۽ جديد پيڪيجنگ ذريعي ويليو ايڊيشن ڪري رهيو آهي. وڌندڙ عالمي طلب ۽ پيداواري صلاحيت ۾ اضافو پنڪ سالٽ جي شعبي م سيڙپڪاري جا نوان امڪان پيدا ڪري رهيو آهي. پاڪستان معدني وسيلن کي ويليو ايڊيشن ذريعي عالمي مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي روانگي واپار ڪرڻ واري صلاحيت وڌائي رهيو آهي.