اسلام آباد/ ڪراچي - 29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي دوري دوران ڪائونٽرز تي اميگريشن پراسيس جو جائزو ورتو. گهرو وزير پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان مليو ۽ اميگريشن پراسيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. گهرو وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي موجب گهرو وزير جي دوري دوران اميگريشن سسٽم ڊائون ٿي ويو. هن موقعي تي ئي لاڳاپيل اختيارين سان ٽيليفونڪ رابطو …
گهرو معاملن بابت وفاقي وزير پاران جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد/ ڪراچي – 29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي دوري دوران ڪائونٽرز تي اميگريشن پراسيس جو جائزو ورتو. گهرو وزير پرڏيهه ويندڙ مسافرن سان مليو ۽ اميگريشن پراسيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. گهرو وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي موجب گهرو وزير جي دوري دوران اميگريشن سسٽم ڊائون ٿي ويو. هن موقعي تي ئي لاڳاپيل اختيارين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽اميگريشن سسٽم جي خرابي فوري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. محسن نقوي چيو ته سسٽم ڊائون ٿيڻ جي صورت ۾ متبادل انتظامن جو بندوبست رکيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته اميگريشن پراسيس ڪنهن به صورت رڪجڻ نه گهرجي. گهرو وزير جعلي دستاويزن تي سفر ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن جا حڪم ڏيندي يچو ته نامڪمل ۽ بنا تصديق ٿيل دستاويز رکندڙ مسافرن کي ڪنهن به صورت سفر جي اجازت ناهي.










