اسلام آباد/ ڪراچي - 29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاسپورٽ آفيس، عوامي مرڪز ڪراچي جو دورو ڪيو. گهرو وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان مليو ۽ انهن کان سموري پراسيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. گهرو وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي موجب گهرو وزير محسن نقوي شهرين کان ٽوڪن جاري ٿيڻ کان وٺي وارو اچڻ تائين جي وقت بابت پڇا ڪئي. شهرين …
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران پاسپورٽ آفيس، عوامي مرڪز جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد/ ڪراچي – 29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پاسپورٽ آفيس، عوامي مرڪز ڪراچي جو دورو ڪيو. گهرو وزير پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهرين سان مليو ۽ انهن کان سموري پراسيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي. گهرو وزارت پاران ڇنڇر ڏينهن جاري پڌرائي موجب گهرو وزير محسن نقوي شهرين کان ٽوڪن جاري ٿيڻ کان وٺي وارو اچڻ تائين جي وقت بابت پڇا ڪئي. شهرين پاسپورٽ ٺهرائڻ جي نظام کي ساراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. شهرين وفاقي وزير سان ڳالهين دوران چيو ته پاسپورٽ جي تجديد لاءِ آيا آهيون، ڪجهه منٽن ۾ ڪم مڪمل ٿيو آهي. هن چيو ته پاسپورٽ ٺهرائڻ ۾ ڪا مشڪل پيش نه آئي ۽ نه ئي انتظار ڪرڻو پيو. گهرو وزير هدايت ڪئي ته پاسپورٽ آفيس، عوامي مرڪز کي شهرين جي سهولت لاءِ وڌايو وڃي.










