اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي، مربوط ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. ڇنڇر ڏينهن هتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي …
موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ وڏو چئلينج، اثرائتي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته موسمياتي تبديلي پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي، مربوط ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. ڇنڇر ڏينهن هتي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن سبب سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ انهن اثرن کي منهن ڏيندڙ ملڪن ۾ نمايان آهي. ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن کي گڏيل سهڪار سان ڪم ڪرڻو پوندو جڏهن ته عالمي تعاون ۽ وسيلا به ضروري آهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۽ ان ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ اجتماعي قدم اڻٽر آهن. موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ صلاحيت ۽ وسيلا رکندڙ ملڪن کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي سطح تي پنهنجو ڪيس ڀرپور انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي سبب متاثر ملڪن کي عالمي برادري جي ڀرپور معاونت گهربل آهي ته جيئن هو موسمياتي خطرن کي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏئي سگهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ ماحولياتي تحفظ ۽موسمياتي موافقت لاءِ مربوط پاليسين جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته قدرتي آفتن جا نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ مقامي آبادين جي سگهه وڌائڻي پوندي، جڏهن ته آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ۽ موثر منصوبابندي کي يقيني بڻائڻ اڻٽر آهي.










